آبادي ۾ واڌ تي ڳڻتي آهي، ان تي ضابطو آڻڻو پوندو:محمد اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو)وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جا اثر ايندڙ مالي سال تائين منتقل ٿيندا.پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته، "چاهي معاملو تيل جي فراهمي جو هجي يا قيمتن جو، اسان  ايندڙ مالي سال جي مالي منصوبابندي ۾ ان حوالي سان گنجائش ۽ حفاظتي انتظام شامل ڪيا آهن،ناڻي واري وزير مانع حمل دوائن ۽ لاڳاپيل شين تي لاڳو ٽيڪس ختم ڪرڻ جو ذڪر ڪندي ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اڄ 25 ڪروڙ آبادي هوندي به ٻارن ۾ غذائي کوٽ، تعليمي غربت ۽ خاص طور تي اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ڇوڪرين جا مسئلا موجود آهن، ته پوءِ تصور ڪيو ته جيڪڏهن آبادي 30 کان 40 ڪروڙ تائين پهچي وڃي ته صورتحال ڪيتري سنگين ٿي سگهي ٿي.محمد اورنگزيب آبادي ۾ واڌ کي "بقا جو مسئلو” قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ان حوالي سان هڪ جامع منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ايندڙ قومي ناڻي ورڇ ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ ڏنو ويندو ته وسيلن جي ورڇ جي موجوده معيار تي نظرثاني ڪرڻي پوندي ۽ ان ۾ تبديليون آڻڻيون پونديون.سندس چوڻ هو ته حڪومت موجود مالي گنجائش کي معاشي سرگرمين جي واڌاري لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ هي بجيٽ اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.ناڻي واري وزير چيو ته اسان هن بجيٽ ۾ برآمد تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن سهولت ۽ سازگار قدم شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.”هن اڳواٽ ٽيڪس (ايڊوانس ٽيڪس) ۽ سپر ٽيڪس جي خاتمي جهڙن قدمن جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن سڌارن جو مقصد برآمداتي شعبي کي مضبوط بڻائڻ آهي.محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته حڪومت گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي نفاذ بابت خانگي شعبي سان صلاح مشورا ڪندي. هن ٻڌايو ته حڪومت گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني آهي، جنهن تحت اها رقم 37 هزار رپين مان وڌائي 40 هزار 700 رپيا ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.