ڪراچي(محسن ٻٻر)وفاقي حڪومت پنھنجي نااھلي ڊيفينس بجيٽ جي آڙ ۽ قومي مفاد جي نعري ھيٺ لڪائي رھي آھي. دفاعي بجيٽ ۾ واڌارو 500 ارب رپيا ڪيو ويو آھي (25 سو کان 3 ھزار ارب) ۽ صوبن پاران ان ۾ ونڊ ڪرڻ سان سنڌ تي وڌ ۾ وڌ 100 کان 150 ارب روپين جو اضافي بار پوي ھا، جيڪو ايڏو مسئلو ڪونہ ھو پر وفاقي سرڪار پاران ٽيڪس اوڳاڙي ۾ ناڪامي سبب 1200 ارب روپين کان مٿي جي چٽيءَ بہ صوبن مٿان مڙھي وئي آھي ۽ ھاڻي صوبن کي 500 ارب بدران 1800 ارب رپيا واپس ڏيڻا پوندا جنھن سان سنڌ کي لڳ ڀڳ 500 ارب واپس ڪرڻا آھن. پيٽروليم ليوي (1650 ارب مان صوبن جو حصو 948 ارب روپيا بڻجي پيو جنھن مان سنڌ جو حصو 227 ارب ھو ان تي ڏينھن ڏٺي وارو ڌاڙو اڃا ڌار ڪھاڻي آھي. ان ارينجمنٽ سان اين ايف سي ايوارڊ جي روح ديهانت ڪري وئي آھي. صوبن جو حصو جيڪو ساڍا 57 سيڪڙو تي ھو، ھاڻي اھو عملي طور تي 46 سيڪڙو تي بيٺو آھي ۽ وفاق جو حصو 54 سيڪڙو ٿي ويو آھي. اھو سڄو ڪم اين ايف سي کان مٿانھون ۽ آئين جي لتاڙ ڪندي ڪيو ويو آھي.