اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته هن هميشه هن ايوان جي مضبوطي لاءِ هر مظلوم جو ساٿ ڏنو آهي. هن سوال اٿاريو ته ڇا چونڊن ۾ کٽيل ماڻهن کي هارائڻ آئين جي ڀڃڪڙي ناهي؟هن چيو ته ملڪ جي هارين کي اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو جو انهن بصر، ٽماٽا ۽ پٽاٽا جانورن آڏو اڇلائي ڇڏيا. سندس چوڻ هو ته وفاق صوبن کي وسيلا ڏيڻ بدران انهن کان ئي وسيلا واپس وٺي رهيو آهي، جڏهن ته اقبال آفريدي کي به ايوان مان ڪڍيو ويو.محمود خان اچڪزئي وزيراعظم شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته غلطين جي اصلاح ٿي سگهي ٿي، اچو ته گڏ ويهون ۽ معاملن کي اڳتي وڌايون، هن چيو ته پارليامينٽ کي مضبوط بڻايو وڃي، ڇو ته ان ۾ ملڪ ۽ عوام ٻنهي جو ڀلو آهي. جيڪڏهن پارليامينٽ مضبوط ٿيندي ته مان توهان جي بنا ڪنهن شرط جي حمايت ڪندس، هن وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ايتري سختي نه ڪئي وڃي، اها مناسب ڳالهه ناهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن کي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ملي وڃي ته ان سان ڪهڙو نقصان ٿيندو؟ هڪ ٻئي کي جيلن ۾ وجهڻ سان ڪو مسئلو حل نه ٿيندو،هن چيو ته سڀني سياسي جماعتن کي هڪ اهڙو معاهدو ڪرڻ گهرجي، جنهن تحت هو هڪ ٻئي جي ٽنگ نه ڇڪين. هن تجويز ڏني ته جيڪو به چونڊون کٽي، ان کي پنجن سالن تائين حڪومت ڪرڻ جو مڪمل موقعو ڏنو وڃي، جيئن جمهوريت مضبوط ٿي سگهي ۽ سياسي استحڪام پيدا ٿئي