وسيلن تي صوبن جو حق آهي، ان بابت ڪو به اختلاف نه هجڻ گهرجي:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اپوزيشن کي گڏ ويهڻ جي دعوت ڏئي چڪو آهي ۽ اڄ به چوان ٿو ته اچو، معيشت بابت گڏيل معاهدي ۽ جمهوريت بابت ميثاق ڏانهن اڳتي وڌون.هن چيو ته سياست هر ڪنهن جي پنهنجي آهي، نظرئي ۽ خيالن ۾ اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن پاڪستان آهي ته اسين سڀ آهيون، ۽ پاڪستان لاءِ جيڪا به قرباني ڏني وڃي، اها گهٽ آهي.وزيراعظم چيو ته هي ايوان هڪ گهر وانگر آهي.اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جي  تقرير کي غور سان ٻڌو. سندس چوڻ هو ته سياسي اختلافن ۽ مختلف خيالن باوجود پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.شهباز شريف چيو ته ٽي ڏينهن اڳ 22 جوانن شهادت جو اعزاز حاصل ڪيو. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏينهن رات دهشتگردن سان مقابلو ڪري رهيا آهن. آفيسر ۽ جوان پنهنجن ٻارن کي يتيم ڇڏي وڃن ٿا ته جيئن ڪروڙين پاڪستانين جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائي سگهجي، تنهن ڪري اسان سڀني کي انهن قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي.وزيراعظم چيو ته صوبن جي وسيلن تي صوبن جو حق آهي ۽ ان بابت ڪنهن به قسم جو اختلاف نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن رِيڪوڊڪ معاهدو پڙهيو وڃي ته واضح ٿي ويندو ته اهو بلوچستان جي اڳواڻن سان صلاح مشوري کان پوءِ طئي ڪيو ويو هو.هن وڌيڪ چيو ته 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو سئو سيڪڙو وڌايو ويو هو. اهو ڪو احسان نه هو، پر رڳو ياد ڏيارڻ لاءِ چئي رهيو آهيان،هن وضاحت ڪئي.وزيراعظم چيو ته اپوزيشن اڳواڻ به چيو هو ته صوبن جي معاشي وسيلن تي انهن جو حق آهي، جنهن تي ڪا ٻي راءِ ناهي. بلوچستان جي عوام جا حصا ڪو لڪل راز ناهن، اهي سڀني جي سامهون آهن، جڏهن ته رِيڪوڊڪ منصوبي ۾ بلوچستان جي عوام جا حق ان جو روشن مثال آهن.شهباز شريف اهو به چيو ته بلوچستان پاڪستان جو هڪ خوبصورت صوبو آهي، جتي غيرتمند ۽ بهادر ماڻهو رهن ٿا. هن ٻڌايو ته بلوچستان جي ترقي لاءِ پنجاب ۽ سنڌ به پنهنجو حصو وڌو آهي. بلوچستان جي هارين کي 75 ارب رپين جي لاڳت سان سولر پينل فراهم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گوادر کان چمن تائين شاهراهه تعمير ٿي رهي آهي، جيڪا جديد هاءِ وي جي معيار مطابق هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.