اسلام آباد/لاهور(بيورو+م ڊ)پاڪس وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن قائم ڪرڻ بابت معاهدي کي ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر حتمي شڪل ڏني ويندي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته امن معاهدو اڳ کان وڌيڪ ويجهو اچي ويو آهي ۽ ان جو آخري مرحلو ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي،سندس چوڻ هو ته پاڪستان ان معاهدي تي ”اليڪٽرانڪ صحيحن“ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ايندڙ هفتي فني سطح تي ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو.وزيراعظم چيو ته پاڪستان امن ڳالهين دوران مسلسل عزم ۽ مثبت ڪردار تي آمريڪا ۽ ايران ٻنهي جو ٿورائتو آهي. هن خطي جي ٻين ملڪن جي حمايت کي به ساراهيو ۽ چيو ته انهن جون ڪوششون به امن جي قيام ۾ اهم ثابت ٿيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته اسان کي يقين آهي ته هي تاريخي معاهدو خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ گڏيل سهڪار لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪندو. ان کان اڳ پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي سعودي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي بابت ٿيندڙ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته جاري سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ٿي سگهندو.هوڏانهن وزيراعظم چيو آهي ته لاڳاپيل ڌريون جلد امن معاهدي تي صحيون ڪنديون. هن اها ڳالهه پنهنجي قطري هم منصب سان ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي.وزيراعظم هائوس موجب، شهباز شريف قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان فون تي ڳالهائيندي تاريخي امن معاهدي بابت تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدو تيار ٿي چڪو آهي ۽ اميد آهي ته لاڳاپيل ڌريون جلد ان تي صحيون ڪنديون.هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري تڪرار جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صلح ٿي ويندي، جڏهن ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل پاڪستان جي نمائندگي ڪندا.لاهور ۾ غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران محسن نقوي چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي بابت ايندڙ هڪ يا ٻن ڏينهن اندر سٺي خبر سامهون ايندي.هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جو خطرو جلد ختم ٿي ويندو ۽ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ان عمل ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندا.