ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ بزنس مين گروپ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ کي عوام لاءِ غير فائديمند ۽ واپار ۽ صنعت لاءِ “ففٽي ففٽي” قرار ڏيندي چيو آهي ته بجيٽ ۾ ڪراچي کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي.بزنس مين گروپ جي چيئرمين زبير موتي والا ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته بجيٽ ۾ نه ايڪسپورٽرز لاءِ ڪو خاص رليف آهي ۽ نه ئي ڪراچي لاءِ ڪا اهم رٿابندي نظر اچي ٿي. هن چيو ته جڏهن برآمد نه وڌندي ته ڊالر ڪٿان ايندا؟هن وڌيڪ چيو ته روزگار وڌائڻ لاءِ به بجيٽ ۾ ڪو واضح قدم نظر نٿو اچي. سندس مطابق ڪ فور منصوبي لاءِ صرف 10 ارب رپيا رکڻ سان اهو منصوبو وڌيڪ هڪ کان ٻه سال دير جو شڪار ٿي ويندو.زبير موتي والا چيو ته ٽيڪس وصولين جو هدف 15 هزار ارب رپيا رکيو ويو آهي، پر اهو ڪيئن حاصل ٿيندو، ان بابت ڪا وضاحت موجود ناهي. هن چيو ته ٽيڪس نيٽ وڌائڻ بدران سڄو بار موجوده ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌو پيو وڃي، جڏهن ته ايف بي آر جو ماڊل به واضح ناهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو ته آءِ ايم ايف تي انحصار گهٽايو وڃي. هن چيو ته 47 سيڪڙو لائين لاسز جو بار به صنعتن تي وڌو ويو آهي، جيڪو گهٽائڻ بابت ڪو قدم ناهي.هن چيو ته پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ ۽ تعميراتي شعبي کي مراعتون ڏيڻ سٺا قدم آهن، ڪراچي چيمبر جي قائم مقام صدر محمد رضا چيو ته سپر ٽيڪس جو خاتمو هڪ سٺو قدم آهي، پر برآمد وڌائڻ لاءِ ڪو واضح قدم نظر نٿو اچي.سابق صدر ادريس ميمڻ چيو ته واپارين جو مطالبو هو ته صنعتي ۽ ڪمرشل امپورٽس ۾ فرق ختم ڪيو وڃي، جڏهن ته ايڪسپورٽرز لاءِ فڪسڊ ٽيڪس جي بحالي جو به مطالبو ڪيو ويو هو، جيڪو پورو نه ٿيو.سابق نائب صدر ابراهيم قسمبي چيو ته اصل صورتحال فنانس بل سامهون اچڻ کان پوءِ وڌيڪ واضح ٿيندي.ٻين تاجر اڳواڻن به بجيٽ کي گڏيل ملندڙ جلندڙ قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪاروباري لاڳت گهٽائڻ، برآمدات وڌائڻ ۽ روزگار پيدا ڪرڻ لاءِ به ڪو واضح روڊ ميپ نظر نٿو اچي۔