فنانس بل سينيٽ ۾ پيش،اپوزيشن جو هنگامو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ جي سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر بيرسٽر علي ظفر چيو آهي ته وفاقي بجيٽ عوام کي رليف ڏيڻ بدران انهن لاءِ وڌيڪ بار بڻجي وئي آهي.هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته بجيٽ ۾ ٽيڪسن جي بنياد بابت ڪا به واضح حڪمت عملي پيش نه ڪئي وئي آهي، ۽ اهو “غريب عوام لاءِ بم” آهي.بيرسٽر علي ظفر جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ نه زراعت لاءِ ڪو جامع منصوبو آهي ۽ نه ئي نوجوان طبقي  لاءِ ڪا خاص سهولت ڏني وئي آهي.ٻئي پاسي چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جتي پي ٽي آءِ ميمبرن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ “غريب دشمن بجيٽ نامنظور” جا نعرا هنيا ويا.اجلاس دوران اپوزيشن طرفان ڊيسڪون به وڄايون ويون، جنهن سبب ايوان ۾ گوڙ وڌي ويو. چيئرمين سينيٽ چيو ته ميمبر 15 جون تائين بجيٽ سفارشون اسٽينڊنگ ڪميٽي خزانه کي موڪلي سگهن ٿا.بعد ۾ سينيٽ جو اجلاس سومر منجهند 12:30 تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.