اسلام آباد(بيورو)ڏيڍ ڪلاڪ کان وڌيڪ دير سان شروع ٿيل قومي اسيمبلي جو اجلاس احتجاج ۽ ناراضگي جي ماحول ۾ شروع ٿيو قومي اسيمبلي جو اجلاس مخالف ڌر جي احتجاج ۽ حڪومتي اتحادي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي "ناراضگي” جي ماحول ۾ شروع ٿيو.ايوان اندر ايترو گوڙ هو جو ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير ٻڌڻ پاڻ ۾ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو. حڪومتي ميمبرن هيڊ فون لڳائي رکيا هئا، جڏهن ته مخالف ڌر جا ميمبر اسپيڪر جي ڊيسڪ آڏو بيهي احتجاج ڪري رهيا هئا .حڪومتي اتحادي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبرن جو به تمام گهٽ انگ ايوان ۾ موجود هو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي اهم اڳواڻن جي به غيرموجودگي نظر آئي.عام طور تي بجيٽ اجلاس دوران ميمبر وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آهن، پر هن ڀيري ايوان جون گهڻيون ڪرسيون خالي نظر آيون. حڪومتي بينچن تي به ميمبرن جو انگ گهٽ هو.ايتري قدر جو جڏهن ناڻي واري وزير بجيٽ ۾ شامل رليف قدمن جو اعلان ڪيو، تڏهن به مخالف ڌر جو گوڙ جاري رکيو، جڏهن ته حڪومتي ڊيسڪن تي ويٺل ميمبرن به ڊيسڪ وڄائڻ بدران خاموش رهڻ تي ئي گذارو ڪيو، . بجيٽ تقرير شروع ٿيڻ کان اڳ تحريڪ انصاف جا ميمبر مختلف پوسٽر کڻي قومي اسيمبلي ۾ داخل ٿيا، جن تي عمران خان جي آزادي ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ وڌيڪ واڌ جا مطالبا لکيل هئا.ميمبرن "صوبن جي حقن جو خاتمو نامنظور، آءِ ايم ايف جي بجيٽ نامنظور” وارا پلي ڪارڊ به کڻي رکيا هئا.