بجيٽ ۾ عوام ۽ ڪاروباري طبقي کي ڪو به رليف نه مليو:واپاري تنظيم

اسلام آباد (بيورو) مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان جي صدر محمد ڪاشف چوڌري وفاقي بجيٽ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي هڪ بينڪر طرفان تيار ڪيل بجيٽ آهي، جنهن ۾ رڳو انگن  اکرن جي هيراڦيري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عوام کي ڪو به حقيقي رليف ناهي ڏنو ويو، هن پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته بجيٽ ۾ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ ڪو به مؤثر قدم شامل نه ڪيو ويو آهي، هي هڪ روايتي بجيٽ آهي جنهن ۾ عوام ۽ ڪاروباري طبقي لاءِ اميد جي ڪا به روشني نظر نٿي اچي، هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي جي موجوده شرح جي مقابلي ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ جيڪو اضافو ڪيو ويو آهي اهو اٺ جي منهن ۾ زيرو برابر آهي، سندس چوڻ هو ته ٽيڪس نظام کي نه سادو بڻايو ويو آهي نه ئي منصفاڻو، عام واپارين تي به اضافي بار وڌو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.