ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 25 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبي تي ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ ترقياتي پيڪيج جي منظوري ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وزيراعظم سان  ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق ۽ جاويد حنيف شامل هئا، ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ اسحاق ڊار، رانا ثناءُ الله، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ ۽ عطا الله تارڙ پڻ موجود هئا، ذريعن موجب ملاقات ۾ بجيٽ تجويزن، بلدياتي حڪومتن بابت تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل ۽ سنڌ ۾ گورنر جي معاملي تي به ڳالهيون ٿيون، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪراچي لاءِ 20 ارب رپين ۽ حيدرآباد لاءِ 5 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج تي اتفاق ڪيو آهي،  ذريعن موجب حڪومت ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل بابت گڏجي پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڳالهين جي خاطري پڻ ڪرائي آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل جي حمايت ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.