اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت فائلرن لاءِ ملڪيت جي خريداري ۽ وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس گهٽائي ڇڏيو آهي.بجيٽ تقرير موجب، فائلرن لاءِ ملڪيت جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس 2.5 سيڪڙو کان گهٽائي 1.25 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فائلرن لاءِ ملڪيت جي وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس 5.5 کان گهٽائي 2.75 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس جاري آهي جتي وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب 18,000 ارب رپين کان وڌيڪ جو وفاقي بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي.