حڪومت کي غيرمقبول فيصلا ڪرڻا پوندا:امين هاشواڻي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناليواري بزنس مين امين هاشواڻي چيو آهي ته ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت کي سخت ۽ غير مقبول فيصلا ڪرڻا پوندا.هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير بهتر قدم کڻي رهيا آهن، پر جيڪڏهن معيشت کي ترقي جي راهه تي آڻڻو آهي ته پوءِ غير مقبول فيصلا لازمي آهن.هن  موجب غير دستاويزي معيشت تي هٿ وجهڻ ضروري آهي. هن چيو ته هن وقت معيشت کي ” دل جي وڏي آپريشن“ جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان صرف عارضي حلن جهڙوڪ ”گلوڪوز جا ٽڪا“ ڏئي رهيا آهيون.نائب صدر فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) قرۃ العين پوليـسي جي تسلسل کي ضروري قرار ڏيندي چيو ته حڪومت کي ڪاروبار دوست پاليسين سان گڏ عورتن لاءِ به سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.