ايم اين ايز جي ترقياتي رٿائن جي بجيٽ ۾ گهٽتائي

اسلام آباد(بيورو)وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ مختص بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو آهي.ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ کي 1126 ارب رپين مان گهٽائي 1000 ارب رپيا ڪرڻ جا اثر سامهون اچي رهيا آهن.ذريعن موجب، حڪومت قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن جي بجيٽ ۾ به گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ پارليامينٽرينز جي ترقياتي بجيٽ 63 ارب رپيا تجويز ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.