اسلام آباد(بيورو)صوبن جو نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) تحت حصو 8 هزار 848 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. وفاق جي ترقياتي بجيٽ 1 هزار ارب رپيا، جڏهن ته صوبن جي ترقياتي پروگرام لاءِ 2 هزار 224 ارب رپيا رکيا ويا آهن.گرانٽن جي مد ۾ 2 هزار 680 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هي رقم آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ نون ضم ٿيل ضلعن جي ضرورتن لاءِ رکي وئي آهي.ناڻي واري وزير چيو ته جاري خرچن مان آزاد ڪشمير لاءِ 146 ارب رپيا، جڏهن ته گلگت بلتستان لاءِ 88 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا.