اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن شاهراهه دستور تي احتجاج ڪيو، جتي پارليامينٽ ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش دوران پوليس سان مزاحمت ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.اسلام آباد پوليس ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته مختلف سرڪاري کاتن جا ملازم پارليامينٽ هائوس ٻاهران موجود آهن اگيگا جي چيف آرگنائيزر رحمان باجوه چيو آهي ته پارليامينٽ هائوس آڏو مطالبن جي منظوري تائين احتجاج جاري رهندو.هن مطالبو ڪيو ته وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جا مطالبا شامل ڪيا وڃن ۽ 10 مارچ 2025ع واري معاهدي جي سڀني شقن تي فوري عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. رحمان باجوه مطالبو ڪيو ته سڀئي ايڊهاڪ رليف الائونس بنيادي پگهار ۾ ضم ڪري نئون پگهار اسڪيل 2026ع متعارف ڪرايو وڃي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 100 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس 2026ع شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته 50 هزار رپين کان گهٽ پگهار وٺندڙ ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي.سندس وڌيڪ مطالبا هئا ته ڪنوينس، ميڊيڪل ۽ هائوس رينٽ الائونسز ۾ 200 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، پينشن سڌارا واپس ورتا وڃن ۽ موجوده پينشن نظام برقرار رکيو وڃي.