اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت بجيٽ 2026-27ع ۾ لگزري ۽ درآمدي گاڏين تي نوان ۽ اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حڪومت موجب انهن قدمن جو مقصد روينيو ۾ واڌ، غير ضروري درآمدن ۾ گهٽتائي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي پوندڙ دٻاءُ کي گهٽائڻ آهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران چيو ته 2000 سي سي کان 3000 سي سي تائين جي سڀني پيٽرول ۽ ڊيزل گاڏين، خاص طور تي ايس يو ويز تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي، جڏهن ته 3000 سي سي کان وڏين گاڏين تي اڳ ۾ موجود ڊيوٽي ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي.