ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊن جي بين الاقوامي ٽرانزيڪشن تي ودهولڊنگ ٽيڪس ۾ گهٽتائي

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊن ذريعي ٿيندڙ بين الاقوامي  ٽرانزيڪشنن تي لاڳو ودهولڊنگ ٽيڪس ۾ گهٽتائي آڻڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.هن ٻڌايو ته، "هن وقت ملڪ جي بئنڪن پاران جاري ڪيل ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊن کي پرڏيهه ۾ استعمال ڪرڻ تي هر ٽرانزيڪشن تي پنج سيڪڙو ودهولڊنگ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو.”سندس چوڻ هو ته، هن ٽيڪس سبب رقم جي منتقلي لاءِ غير روايتي ذريعن جي استعمال جو لاڙو وڌي رهيو آهي. ان جي همت شڪني ڪرڻ لاءِ ودهولڊنگ ٽيڪس جي هن شرح کي گهٽائي ٻڙي اعشاريه پنج سيڪڙو (0.5 سيڪڙو) ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ته جيئن ان کي معمولي مالي ٽرانزيڪشن جي سطح تي آندو وڃي ۽ معيشت کي دستاويزي بڻائڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي وڌيڪ هٿي ملي سگهي.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.