وفاقي حڪومت پاران سپر ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد(بيورو)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ سپر ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي ناڻي واري وزير  محمد اورنگزيب مالي سال جو وفاقي بجيٽ پيش ڪندي اعلان ڪيو ته حڪومت ڪاروبار مان 15 ڪروڙ رپين کان 50 ڪروڙ رپين تائين آمدني رکندڙن لاءِ مقرر ڪيل ڇهن سليبز تي لاڳو سپر ٽيڪس، جيڪو هڪ سيڪڙو کان وٺي ساڍا ست سيڪڙو تائين هو، مڪمل طور ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.هن وڌيڪ اعلان ڪيو ته 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي سپر ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو مان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي آهي.هن چيو ته هن قدم جو مقصد ننڍن ڪاروبارن ۽ صنعتن کي هٿي ڏيڻ سان گڏ ڪاروباري سرگرمين کي آسان بڻائڻ آهي.تنهن هوندي به، بئنڪن، تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين ۽ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانن تي لاڳو موجوده سرچارج برقرار رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.