سنڌ ۾ وڏ وزارت جي تبديلي جون خبرون يا مهمون؟

رحمت الله ٻرڙو

سنڌ جي سياست ۾ اقتدار بابت قياس آرائيون هميشه کان سياسي ماحول جو حصو رهيون آهن. جڏهن به حڪومتن جي ڪارڪردگي، پارٽي جي اندروني معاملن يا مستقبل جي سياسي حڪمت عملين بابت بحث تيز ٿيندو آهي ته اقتدار جي اهم عهدن بابت افواهن، امڪانن ۽ خواهشن جو هڪ نئون سلسلو به شروع ٿي ويندو آهي.

گذريل ڪجهه هفتن دوران سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحثن مان به اهڙو ئي تاثر ملي ٿو، جتي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي مستقبل بابت مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن ۽ ساڳئي وقت ڪجهه سياسي شخصيتن کي متبادل طور پيش ڪرڻ جون ڪوششون پڻ جاري آهن.بظاهر اهي سرگرميون معمولي سياسي اظهار لڳن ٿيون، پر انهن جي پويان موجود نفسيات ۽ سياسي مفادن کي سمجهڻ ضروري آهي. سنڌ جي سياسي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اقتدار جي ويجهو رهندڙ حلقا هميشه ممڪن تبديلين بابت اڳواٽ حساب ڪتاب ڪرڻ شروع ڪندا آهن. اهو عمل نه رڳو سياسي ڪارڪنن تائين محدود هوندو آهي، پر ان ۾ سرڪاري عملدار، بااثر سماجي شخصيتون، سياسي تجزيه نگار ۽ سوشل ميڊيا جا سرگرم حلقا پڻ شامل هوندا آهن.

تازو سوشل ميڊيا تي ڪجهه اهڙيون پوسٽون سامهون آيون آهن، جن ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه کي وڏي وزارت لاءِ موزون قرار ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن. انهن مهمن جو جائزو وٺڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته ڪيترائي حلقا پنهنجي پسند جي شخصيتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ سرگرم آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا اهڙيون مهمون حقيقت ۾ سياسي فيصلا متاثر ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون؟پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي مزاج ۽ تنظيم جي تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته پارٽي اندر اهم عهدن بابت فيصلا ڪڏهن به سوشل ميڊيا جي دٻاءَ يا عوامي مهمن جي بنياد تي ناهن ٿيا. پارٽي جي اندروني ڍانچي، قيادت جي اعتماد، سياسي ضرورتن ۽ تنظيمي مفادن کي هميشه ترجيح ڏني وئي آهي. ان ڪري سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهمن کي حتمي سياسي اشارو سمجهڻ شايد سياسي حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ جي برابر هوندو.

سيد مراد علي شاهه جي حوالي سان ڳالهائجي ته سندن سياسي ۽ انتظامي حيثيت کي صرف موجوده عهدو نه پر سندن ڪارڪردگي پڻ مضبوط بڻائي ٿي. گذريل ڪيترن سالن دوران هو نه رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن  پر انتظامي سطح تي پڻ پاڻ کي هڪ مستحڪم ۽ متوازن منتظم طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران مختلف موقعن تي سندن حق ۾ ڪيل اعتماد جو اظهار به ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مراد علي شاهه پارٽي جي حڪمت عملي جو اهم حصو آهن.سندن دور جي ڪارڪردگي تي نظر وجهجي ته ڪيترائي اهڙا منصوبا ۽ پاليسي قدم سامهون اچن ٿا، جيڪي سياسي بحث جو حصو رهيا آهن. شاهراهه ڀٽو جهڙي بنيادي ڍانچي واري منصوبي کان وٺي اين آءِ سي وي ڊي جي توسيع، گمس اسپتال جي ترقي، مهراڻ هاءِ وي جي بحالي، پاڻي جي ورڇ بابت سنڌ جي موقف جي نمائندگي، صوبائي خودمختياريءَ جي سوال تي مستقل سياسي جدوجهد ۽ وفاق سان مالي وسيلن جي ورڇ بابت موقف، اهي سڀ عنصر مراد علي شاهه جي انتظامي پروفائيل جو حصو آهن.

يقيناً حڪومت جي ڪارڪردگي بابت تنقيد جا پهلو به موجود آهن ۽ جمهوريت ۾ تنقيد هڪ فطري عمل آهي. پر سياسي تجزئي جو تقاضو اهو آهي ته ڪنهن به شخصيت جي حيثيت جو جائزو جذبات يا خواهشن بدران زميني حقيقتن جي بنياد تي ورتو وڃي. موجوده صورتحال ۾ اهڙا ڪي واضح سياسي آثار نظر نٿا اچن، جيڪي مراد علي شاهه جي فوري تبديليءَ ڏانهن اشارو ڪن. ان سڄي بحث جو هڪ ٻيو دلچسپ پاسو پڻ آهي، جيڪو سنڌ جي روايتي سياست سان جڙيل آهي. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ڪجهه شخصيتون اهڙيون رهيون آهن، جن اقتدار جي حصول کان وڌيڪ تنظيم سان وابستگي، صبر ۽ سياسي بارگيري کي اهميت ڏني. نثار احمد کهڙو ۽ صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جن اهڙين شخصيتن مان هڪ اهم نالو آهن.نثار احمد کهڙو جو سياسي سفر تقريباً اڌ صديءَ تي پکڙيل آهي. هو سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کان وٺي سينيئر وزير ۽ پارٽي جي اهم تنظيمي عهدن تائين مختلف ذميواريون نڀائي چڪا آهن. ان ڊگهي سياسي سفر دوران سندن شخصيت جو سڀ کان نمايان پاسو اقتدار لاءِ بيچيني بدران سياسي بردباري ۽ تنظيمي وفاداري رهيو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سندن نالو اقتدار جي ڊوڙ ۾ گهٽ ۽ سياسي استحڪام جي علامت طور وڌيڪ ورتو ويندو آهي.

اڄ جڏهن ڪجهه حلقا سوشل ميڊيا تي وڏي وزارت بابت خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن، تڏهن نثار احمد کهڙو جهڙيون ۽ صوبائي ڪابينه جو متحرڪ صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جھڙيون شخصيتون سنڌ جي سياست ۾ "بارگيري” جي روايت جي ياد ڏيارين ٿيون. بارگيري رڳو انتظار جو نالو ناهي، پر اها سياسي پختگي، تنظيم سان وفاداري، وقت جي سڃاڻپ ۽ قيادت جي فيصلن کي قبول ڪرڻ واري صلاحيت جو نالو آهي. حقيقت اها آهي ته سياست ۾ هر خواهش اقتدار تائين نٿي پهچي. اقتدار جي راهدارين ۾ ڪاميابي صرف مقبوليت يا سوشل ميڊيا مهمن سان حاصل نٿي ٿئي. ان لاءِ تنظيمي وزن، سياسي تجربي، قيادت جي اعتماد ۽ مناسب وقت جو هجڻ لازمي هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ڀيرا اهي نالا سامهون ايندا آهن، جيڪي سوشل ميڊيا جي بحثن ۾ موجود ئي نه هوندا آهن.سنڌ جي موجوده سياسي منظرنامي کي ڏسندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته وڏي وزارت بابت هلندڙ گهڻيون قياس آرائيون سياسي حقيقتن کان وڌيڪ سياسي خواهشن جو اظهار آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اندروني سياست، قيادت جو انداز ۽ موجوده حالتون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته ڪنهن به ممڪن تبديلي بابت حتمي راءِ قائم ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو.في الحال سياسي حقيقت اها آهي ته سيد مراد علي شاهه پارٽي قيادت جو اعتماد حاصل ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت جي سربراهه طور پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن. جڏهن ته سندن متبادل بابت هلندڙ بحث گهڻو ڪري انهن حلقن جي خواهشن جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪي اقتدار جي ممڪن تبديلين ۾ پنهنجا سياسي خواب ڏسن ٿا.

سنڌ جي سياست جو تجربو به اهو ئي ٻڌائي ٿو ته اقتدار جا فيصلا سوشل ميڊيا جي مهمن کان وڌيڪ سياسي حڪمت عملي، تنظيمي ضرورتن ۽ قيادت جي اعتماد سان جڙيل هوندا آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو سياست جي پراڻن رانديگرن هميشه هڪ ڳالهه ورجائي آهي. اقتدار جي سياست ۾ خواهش کان وڌيڪ اهميت صبر، بارگيري ۽ وقت جي سڃاڻپ کي حاصل هوندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.