جانورن بدران جنسي بگهڙن تي تجربا ڪيو: مريم نويس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا مريم نفيس ملڪ ۾ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد ۽ جنسي ڏوهن تي سخت ردِعمل ظاهر ڪندي پيغام شيئر ڪيو آهي.

رپورٽ موجب مريم نفيس پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ لکيل هو ته جانورن تي شين جي آزمائش ڪرڻ بدران زيادتي جي ڏوهارين تي ٽيسٽ ڪيا وڃن.

اداڪارا جي هن پوسٽ کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان وڏي توجهه ملي، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن مختلف پليٽ فارمن تي ان کي شيئر ڪندي حمايت جو اظهار ڪيو.

هڪ واهپيدار تبصرو ڪندي لکيو ته اهڙن ڏوهارين کي طبي تحقيق لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ٻئي واهپيدار ان کي بهترين خيال قرار ڏنو. هڪ ٻئي شخص راءِ ڏني ته تيزاب گردي ڪندڙن سان به اهڙو ئي ورتاءُ ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.