بجيٽ تقرير دوران مخالف ڌر جو احتجاج، پي ٽي آءِ پاران ”صوبن جي حقن تي ڌاڙو ۽ آءِ ايم ايف بجيٽ نامنظور“ جا نعرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن جماعتن جو احتجاج جاري آهي.
پي ٽي آءِ ميمبرن مسلسل نعريبازي ڪندي ايوان ۾ گوڙ ڪري رهيا آهن.
بجيٽ تقرير شروع ٿيڻ کان اڳ ئي پي ٽي آءِ جا ميمبر مختلف پوسٽر کڻي قومي اسيمبلي ۾ داخل ٿيا، جن تي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ وڌيڪ واڌ جا مطالبا لکيل هئا.
احتجاج ڪندڙ ميمبرن پنهنجن هٿن ۾ ”صوبن جي حقن جو خاتمو نامنظور“ ۽ ”آءِ ايم ايف جي بجيٽ نامنظور“ جا پلي ڪارڊ پڻ کنيل هئا، پي ٽي آءِ جا ميمبر پنهنجين سيٽن تان اُٿي اسپيڪر ڊائس جي سامهون گڏ ٿي ويا آهن ۽ مسلسل نعريبازي ڪندا رهيا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.