فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي موقعي تي ميٽا پنهنجي مختلف ايپس، جن ۾ انسٽاگرام، فيس بڪ، واٽس ايپ، ٿريڊز ۽ ميسينجر شامل آهن، ۾ فٽبال سان لاڳاپيل ڪيترائي نوان فيچر متعارف ڪرايا آهن.
رپورٽ موجب ان مقصد لاءِ ميٽا براڊڪاسٽرز، مختلف ملڪن جي ٽيمن، رانديگرن، ڪمينٽيٽرن ۽ ڪريئيٽرز سان ڀائيواري ڪئي آهي. هاڻي ميٽا جي ايپس ۾ لائيو اسڪور، رئيل ٽائيم چيٽ، فٽبال تي ٻڌل ڪميونٽيز، خاص ٿيمز ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) تي ٻڌل اوزار واهپيدارن لاءِ دستياب هوندا. انهن فيچرن جو مقصد ورلڊ ڪپ سان لاڳاپيل مواد تائين رسائي کي وڌيڪ آسان بڻائڻ آهي.
ٿريڊز : ميٽا طرفان ٿريڊز ۾ فٽبال ورلڊ ڪپ بابت لائيو چيٽس متعارف ڪرايون پيون وڃن. هن فيچر جو مقصد فٽبال مداحن کي رئيل ٽائيم بحثن ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته انهن بحثن جي ميزباني فٽبال سان لاڳاپيل مشهور شخصيتون ڪنديون. هن پليٽ فارم تي فٽبال ڪميونٽي پڻ متعارف ڪرائي پئي وڃي، جتي واهپيدار ميچن جي ڏينهن تي خيال ونڊي سگهندا ۽ مختلف اپڊيٽس شيئر ڪري سگهندا. ان کانسواءِ ٿريڊز ۾ فٽبال ٿيم وارا ڪيترائي ٻيا فيچر به شامل ڪيا پيا وڃن، جن ذريعي واهپيدار لائيو اسڪور ٽريڪ ڪري سگهندا، پروفائيل فليئرز ذريعي پنهنجي پسنديده ٽيم جي حمايت ڪري سگهندا ۽ فٽبال سان لاڳاپيل اسٽيڪرز يا ايموجي ري ايڪشنز استعمال ڪري سگهندا.
انسٽاگرام ۽ فيس بڪ: انسٽاگرام ۾ هڪ ورلڊ ڪپ هب متعارف ڪرايو پيو وڃي، جتي ريلز، اسٽوريز، واهپيدارن جو مواد، براڊڪاسٽرز جي ڪوريج ۽ مختلف ٽيمن بابت اپڊيٽس ڏسي سگهبيون. فوٽو شيئرنگ ايپ ۾ اي آءِ تي ٻڌل”گول“ نالي وائيس افيڪٽ ڊائريڪٽ ميسيجز لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته فٽبال ٿيم تي ٻڌل اينيميشنز به دستياب هونديون.
فيس بڪ واهپيدارن لاءِ هڪ خاص ”فوٽ بال“ موڊ جو واڌارو ڪيو ويو آهي. ان لاءِ ايپ ۾ فيس بڪ لوگو تي ٻه ڀيرا ڪلڪ ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ خاص ٿيمز، ري ايڪشنز، سرپرائزز ۽ هڪ فٽبال گيم ان لاڪ ٿي ويندي. ان کانسواءِ ، ميٽا جو اي آءِ تي ٻڌل”ويئر اٽ“ فيچر به دستياب هوندو، جنهن ذريعي واهپيدار پنهنجي پسنديدا ٽيم جي جرسي کي ورچوئلي آزمائي سگهندا ۽ تصويرون پليٽفارم تي شيئر ڪري سگهندا.
ميسينجر ۽ واٽس ايپ: فيس بڪ ميسينجر ۾ لائيو اپڊيٽس جو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن سان اهم ميچن جا واقعا جهڙوڪ گول ۽ ريڊ ڪارڊ سڌو سنئون گروپ چيٽس ۾ موڪليا ويندا. ان سان گڏ فٽبال ٿيم وارا بيڪ گرائونڊز ۽ اينيميٽيڊ اسٽيڪر پيڪس پڻ دستياب هوندا. واٽس ايپ ۾ عارضي طور فٽبال ايموجي کي ٽورنامينٽ جي آفيشل ميچ بال سان تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن کي واهپيدار مقابلي دوران استعمال ڪري سگهندا. ميسيجنگ ايپ ۾ فٽبال ٿيم تي ٻڌل وڊيو ڪال افيڪٽس، اسٽيڪر پيڪس ۽ هڪ فٽبال ڊڪشنري جو به اضافو ڪيو ويو آهي. هن ڊڪشنري ۾ اسڪور، ٽيمن بابت ڄاڻ، تازي اپڊيٽس ۽ آفيشل چينلز جو مواد شامل هوندو.