مٽيءَ مان بجلي پيدا ڪندڙ اوزار تيار!

برطانيا جي هڪ ڪمپني اهڙو نئون اوزار تيار ڪيو آهي، جيڪو مٽي ۾ موجود بيڪٽيريا جي مدد سان بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بيڪٽري نالي ڪمپني جو تيار ڪيل هي اوزار باغ يا زمين جي مٽي مان توانائي حاصل ڪري بجلي پيدا ڪري ٿو. ڪمپني موجب هن وقت ان اوزار جي آزمائش جاري آهي ته جيئن حقيقي حالتن ۾ ان جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.

رپورٽ موجب ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي ڊوائيس بيٽري وانگر ڪم ڪندي زمين ۾ موجود بيڪٽيريا مان توانائي گڏ ڪري ٿي ۽ 24 ڪلاڪ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اختيارين موجب مستقبل ۾ ان کي هر قسم جي مٽيءَ ۾ ڪارائتو بڻائڻ تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته هي ٽيڪنالاجي سولر سسٽم جهڙن ماحول دوست ذريعن سان گڏ بجلي حاصل ڪرڻ جو هڪ نئون متبادل ثابت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.