ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجابي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل ايشا رکي آخرڪار گلوڪار ۽ ريپربادشاهه سان پنهنجي شادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب ايشا رکي انسٽاگرام تي هڪ سيشن دوران مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي پنهنجي شادي شده زندگي بابت کُلي ڳالهه ڪئي. مداحن پاران سڀ کان وڌيڪ اهو سوال پڇيو ويو ته جيڪڏهن هوءَ ۽ بادشاهه شادي شده آهن ته پوءِ هڪ ٻئي کي سوشل ميڊيا تي فالو ڇو نٿا ڪن؟ ان سوال جي جواب ۾ ايشا مزاحيه انداز اختيار ڪندي چيو ته ها، منهنجي شادي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هڪ ٻئي کي فالو نه ڪرڻ واري سوال جو جواب سندس مڙس بادشاهه کي ڏيڻ گهرجي.
رپورٽ موجب هڪ ٻئي سوال تي هن پهريون ڀيرو بادشاهه سان گڏ پنهنجي هڪ ناياب تصوير به شيئر ڪئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي. واضح رهي ته ٻنهي جي شادي بابت افواهون مارچ ۾ سامهون آيون هيون، پر ان وقت ڪنهن به باقاعده تصديق نه ڪئي هئي.