نوابشاهه: زميني تڪرار تان ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 ڀائر قتل، 3 زخمي

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) نوابشاهه ڀرسان زمين جي تڪرار تان ٻن ڌُرين ۾ ٿيل جهيڙي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڀائر قتل ۽ ٽي زخمي ٿي پيا آهن.
سڪرنڊ روڊ تي لانڍي اسٽاپ وٽ فائرنگ جي واقعي ۾ 28 ورهين جو سرمد جمالي ۽ 18 ورهين جو ارسلان جمالي مارجي ويا، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب سندن ٽي ڀائر فيصل، سعود ۽ سلمان جمالي زخمي ٿي پيا آهي، لاش ۽ زخمين کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻئي پاسي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل فيصل جمالي الزام هنيو آهي ته سئوٽن زمين جي تڪرار تان حملو ڪيو، جنهن ۾ ٻه ڀائر قتل ۽ ٽي زخمي ٿيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته مارجي ويل ڀائر يونيورسٽي ۾ پيپر ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ۽ اسان سڀ گڏ هئاسين ته حملو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.