اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هو بلاول ڀٽو کي ساڻ وٺي ايوان ۾ پهچي ويو.
گهرو وزير کان اڳ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ به اسحاق ڊار سان گڏ هو.
ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي ميڊيا سيل طرفان چيو ويو هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي بجيٽ اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو ناهي ڪيو. پيپلز پارٽي جا ڪجهه ميمبر بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا.
پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري نديم افضل چن پڻ بجيٽ اجلاس جي بائيڪاٽ واري خبر کي غلط قرار ڏنو هو.