اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سنڌ جي گورنر کي پارٽيءَ جي صلاح مشوري يا راءِ کانسواءِ تبديل ڪيو ويو آهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي کان سوال ڪيو ويو ته ڇا سنڌ جي گورنر جي جي تبديليءَ تي وزيراعظم يا گهرو وزير سان ڳالهه ٻول ٿي آهي؟
جنهن تي هن جواب ڏنو ته اسان جي مشاورت يا راءِ کانسواءِ گورنر کي تبديل ڪيو ويو.
پنهنجي ساٿين طرفان خدشن جي اظهار بابت سوال تي خالد مقبول صديقي چيو ته ڪو ڪجهه به چوي، ان سان مسئلو ناهي، جيڪڏهن مون ڪو فيصلو ڪيو ته اهو اهم هوندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو هو ته خالد مقبول صديقي متحدا باني ناهي ۽ هو پاڻ به ايندڙ وقت ۾ پارٽي جي چيئرمين شپ لاءِ چونڊ وڙهندو.