سنڌ ۾ گرميءَ جي موجودا لهر ڪيستائين جاري رهندي؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڄ ۽ سڀاڻي سنڌ ۾ هلندڙ گرمي جي لهر (هيٽ ويو) ختم ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي موجب، اڄ ۽ سڀاڻي ڪشمور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ مٽيءَ جي طوفان، انڌاري ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سکر، لاڙڪاڻو، دادو، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوشهرو فيروز، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ پڻ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ هلڪي برسات جي اميد آهي.
ان کانسواءِ 14 جون تي دادو، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، نوشهرو فيروز، شهيد بينظير آباد ۽ خيرپور ۾ به کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي بابت موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ شهر ۾ موسم گرم ۽ ٻُٽ واري رهڻ سان گڏ تيز هوائون گُهلي سگهن ٿيون، شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ ڇنڇر (سڀاڻي) ڏينهن موسم جهڙالي، گرم ۽ گهميل سان گڏ تيز هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ تائين وڃي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.