شهيد بينظيرآباد ۾ گرمي جو 15 سالن جو پراڻو رڪارڊ برابر

ڪراچي (رپورٽر) شهيد بينظيرآباد ۾ تاريخ جو سڀ کان گرم ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو آهي جتي شديد گرمي سبب گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، موسميات کاتي موجب هن شهر اڳوڻو 8 جون 2011 وارو گرمي پد رڪارڊ ٻيهر برابر ٿيو، جڏهن ته 11 جون 2026 تي  ٻيهر 51 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ گرمي پنهنجي عروج تي پهچي وئي جتي دادو ۽ شهيد بينظير آباد 51 ڊگري سان سڀ کان وڌيڪ گرم علائقا رهيا، موهن جو دڙو ۾ به سخت گرمي رڪارڊ ڪئي وئي، جتي گرمي پد 50.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ سڪرنڊ ۾ به پارو 50 ڊگري تائين پهچي ويو، سکر، روهڙي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به شديد گرمي رڪارڊ ڪئي وئي، مٽياري ۾ گرمي پد 52 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب سامونڊي علائقن جهڙوڪ ٺٽو، بدين ۽ ٻين هنڌن تي به گرمي جي شدت برقرار رهي، جنهن سبب عام زندگي متاثر ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.