ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته خالد مقبول صديقي متحدا باني ناهي ۽ هو پاڻ به ايندڙ وقت ۾ پارٽي جي چيئرمين شپ لاءِ چونڊ وڙهندو، هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اندروني سياست بابت اهم بيان ڏنو ۽ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي تي سوال اٿاريا، مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته خالد مقبول صديقي جي چيئرمين شپ جي مدت ختم ٿي چڪي آهي، تنهن هوندي به هو هن وقت به ”قانوني يا غير قانوني“ طور عهدي تي موجود آهي، هن الزام لڳايو ته خالد مقبول صديقي اليڪشن ڪميشن وٽ وڃي پنهنجي عهدي ۾ چوٿون ڀيرو واڌ ڪرائي آهي ۽ هاڻي هو آڪٽوبر تائين پارٽي چيئرمين آهي، مان به مستقبل ۾ چيئرمين شپ لاءِ چونڊ وڙهندس، ڇاڪاڻ ته هو پارٽي ۾ اندروني جمهوريت کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو، ٻئي طرف هن وضاحت ڪئي ته هو اڃا تائين پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو حصو آهي، جيڪا ايم ڪيو ايم جي قيادت هيٺ ڪم ڪري ٿي، هن اهو به چيو ته گورنر سنڌ ڪامران تيسوري بابت سينٽرل ڪميٽي ۾ اڃا تائين ڪو باضابطه اجلاس يا فيصلو ناهي ٿيو.