ڊاڪٽر ماهه نور واقعي خلاف هڙتال، 23 ڊاڪٽر معطل

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ ڊاڪٽر ماهه نور تي مبينا تيزاب حملي واري ڪيس کان پوءِ بلوچستان حڪومت ۽ ينگ ڊاڪٽرز وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، واقعي خلاف ينگ ڊاڪٽرز پاران سرڪاري اسپتالن ۾ هڙتال ڪئي وئي، جنهن تي حڪومت سخت ڪارروائي ڪندي 23 ڊاڪٽرن کي معطل ڪري  ڇڏيو، بلوچستان جي صحت کاتي موجب هڙتال ۾ شامل 25 ڊاڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا، احتجاج ۾ حصو وٺندڙ 4 پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن جي ٽريننگ به معطل ڪئي وئي، معطلي جا نوٽيفڪيشن ۽ شوڪاز نوٽيس باضابطه طور جاري ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف ينگ ڊاڪٽرز ڊاڪٽر ماهه نور تي تيزاب حملي واري واقعي خلاف پنهنجو احتجاج جاري رکيو آهي ۽ واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.