فوجي عدالتن جي منظوري ڏيندڙ پارليامينٽ جمهوري ڪيئن ٿي سگهي ٿي:مظهر عباس

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ طرفان ڪراچي کي وفاق ۾ شامل ڪرڻ جي موضوع تي ٿيل سيمينار ۾ قراردا  منظور ڪندي پيپلزپارٽي پروپيگنڊا رد ڪري ٿي،وفاقي حڪومت وفاقي قانون ٿي عملدرآمد نه ٿي ڪري سگهي صوبن کي هدايت ڪري ٿي،18 هين ترميم کي رول بيڪ نه ڪيو ويندو،هر 5 سالن اين ايف سي ايوارڊ آڻڻ لازمي آهي،وفاق ٽئڪس سنڌ حوالي ڪري ته وڌيڪ اوڳاڙي ڪري سنڌ وفاق کي ڏيندي،اهڙي ڪنهن به ترميم جي مخالفت ڪئي ويندي جيڪا صوبائي خودمختياري خلاف هجي.ان موقعي تي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پي پي پي اڳواڻ  رضا رباني تقرير ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳاله ڪن ٿا ته اهي 2 ڀاڱي جي اڪثريت صوبائي ۽ وفاقي پارليامينٽ ۾ آڻين ۽ آئين تحت ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻو آهي ته پارليامينٽ ۾ اڪثريت ضروري آهي، هن چيو ته گوادر جا ماڻهو مطالبو ڪن ٿا ته اتان جي زمينن جي انڪوائري ڪئي وڃي ,گوادر جا ماڻهو ان لاءِ به مزاهمت ڪن ٿا ته وفاق جو عملدرآمد وڌيو  صورتحال تبديل ٿيندي.بلوچستان ۾ حاصل بزنجو پنهنجو سياسي ڪيريئر داء تي لڳائي صوبائي خودمختياري لاء بيهي رهيو، هن وڌيڪ چيو .سول ملٽري بيوروڪريسي کي  چوندس ته 28هين ترميم جي ڳاله ڪيو ٿا ته 2010 کان 2026 تائين فالٽ لائن وڌيڪ واضع ٿي وئي آهي.وفاقي حڪومت نئون اين ايف سي ايوارڊ آڻڻ ۾ قاصر آهي جڏهن ته 5 هر پنج سالن ۾ ان کي آڻڻو آهي رضا رباني چيو ته گهٽ ۾ گهٽ پيپلزپارٽي جي جمهوريت کي ايترو ته خراج ڏيڻ گهرجي ته پنهنجي ئي سيمينار ۾ تنقيد ٻڌي ۽ اتي تاڙيون وڄائن ٿا هن چيو ته ڪراچي هڪ ننڍڙو سمنڊ ڪناري ڳوٺ هو جتي سنڌي ۽ بلوچ قبيلا رهندا هئا,1843 ۾ ڪراچي سنڌ جو گادي جو شهر هو، پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته مرڪز هدايت ڪري سگهي ٿو پر قبضو نه ٿو ڪري سگهي.اسان 18هين ترميم پاس ڪرائي ته جيئن 71 واري آئين تي عمل ٿئي ۽ 18هين ترميم جي رول بيڪ کي ون يونٽ چئي سگهجي ٿو، هن چيو ته مشرف چيو ته ماڻهو ان لائق ناهن جو جنرل اليڪشن ٿين عدالتن ان کي اجازت ڏني، هن چيو ته سي سي آ ۾ ڪينالن جو فيصلو ڪيو ويو جنهن فيصلو آيو ته اڪثريت ووٽ کان سواء ڪو فيصلو منظور نه ٿيندو ان جو ڪريڊٽ به سنڌ کي وڃي ٿو. اين ايف سي ايوارڊ 18 هين ترميم کان پهريان ٿيو جنهن م لکيل آهي ته صوبن جو حصو وڌي سگهي ٿو گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي، هن وڌيڪ چيو ته حتمي شڪل ۾ 28 هين ترميم بابت ڪا ڳاله سامهون ناهي آئي، روز خبرن ۾ 28هين ترميم جو ذڪر ٿئي پيو، هتان هتان جون ڳالهيون آهن ڪنهن ليڊر اهڙي ڳاله ئي ناهي ڪئي، جنهن جي ان کان پهرين حڪومت هئي ان چيو ته سنڌ صوبو ته اسانجو آهي ئي ڪونه، صحافي، ليکڪ مظهر عباس چيو ته شاهراه ڀٽو جي تحقيق ڪجي ته ٻه وڏيون هائوسنگ اسڪيمون نه هجن ها ته ماڻهون ان کان به محروم هجن ها، سنڌ جو وڏو وزير ڪلفٽن جي پل ڪراس ڪري ٿو ته ڪراچي وفاق حوالي ٿي وڃي ٿو، هن چيو ته 1973 جو آئين ميثاق جمهوريت ۽ 18هين ترميم کي کڻي ڏسو ته خبر پوندي ته ڪٿي سمجهوتا ٿيا آهن .جيڪا پارليامينٽ فوجي عدالتن جي منظوري ڏئي ڇڏي اها جمهوري ڪيئن ٿي سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته  اسان ڪي پي ڪي،سنڌ،سميت ٻين صوبن جي مسئلن جي ڳالهه ئي نه ٿا ڪري سگهون.آئيني ترميمن جي ڳالهه ڪجي صرف 58 ٽو بي کان علاوه جيڪا جنرل ضياء ڪئي هجي ان کي ڪڍي نه سگهيا سين، مظهر عباس چيو ته اڄ پڻ هڪ جماعت تي پابندي لاڳو ٿي آهي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ آئون ڳالهائي نه ٿو سگهان، جتي جمهوريت نه هجي اتي اهڙا شوشا ڇڏيا ويندا آهن، هن چيو ته 28هين ترميم پاس ڪئي وئي ته سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي کان سوال پڇڻ جو حق رکن ٿا.سڀني کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي وئي ته پيپلزپارٽي کي حصن ۾ ٽوڙيو وڃي، هن چيو ته جن ماڻهن جيلون ڪاٽيون جمهوريت لاءِ  قربانيون ڏنيون فوجي عدالتن کي منهن ڏنا انهن کي هٿ ۾26 هين ۽ 27 هين ترميم ڏني وئي .ذوالفقار علي ڀٽو جو نعرو هڻندي هڪ ماڻهو ڦاهي چڙهي ويو ان جي ماءِ جي پيرن ۾ چپل نه هئي ڇا اهڙي ڪنهن به ماڻهو کي نشان پاڪستان ڏنو ويو؟ اهو سبق سکڻ گهرجي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جيل ۾ هو ته ان جا ڪارڪن ريگل چوڪ تي احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ ليڊر غائب هئا، نامور صحافي وسعت الله خان چيو ته اسلام آباد پنڊي کي سنڀالي وٺي تڏهن به ڪافي آهي 18 هين ترميم يا ان ۾ ردوبدل ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته پيپلزپارٽي جيئن 26 ۽ 27 ترميم تي ڦڙتي ڏيکاري ان کان اڌ ڏيکاري وڃي ته 28 ترميم نه ٿي سگهي، هن چيو ته  ڪا به سازش تيستائين ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي جيسيتائين قلعي جو دروازو اندان ڪير نه کولي يا قعلي هي پٺئين دروازي مان ڪير داخل نه ٿئي، هن چيو ته  آئيني تحفظ هوندي جيڪڏهن توهان نه چاهيو ته ڪيئن ڪير صوبي جو نقشو تبديل ڪري سگهي ٿو، جيڪو صدر توهانجو آهي جنهن جا دستخط ٿيندا آهن ته پوء ڪهڙي ڳالهه جو ڊپ آهي اڪثريت کان سواء ڪيئن اهو ممڪن آهي ته ڪا به ترميم منظور ٿي وڃي ووٽن ۾ توهانجي اڪثريت آهي شهري حڪومتن واري شهرن جو نظام ڇو بلدياتي ادارن کي نه ٿو ڏنو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته لنڊن،ممبئي،دهلي،جوهانسبرگ شهر به اهڙي ئي طرح هلن ٿا .

وفاق وٽ سرخرو ٿيڻ چاهيو ٿا ته ووٽر کي وڏيري کان آزاد ڪرايو:نور الهديٰ شاهه

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي نور الهديٰ شاهه پيپلزپارٽي مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو ته اوهان پنهنجي پارٽي ۾ ڳالهائيندڙ ورڪرن جا در بند ڪري ڇڏيا آهن، نوري الهديٰ شاهه خطاب دوران نعرا لڳائڻ دوران روڪيندي چيو ته نعرا نه لڳايو، اهو سبب آهي ته اوهان در بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ووٽر کي ڀٽو گپ ۾ لهي ڀاڪر پائيندو هو ان کي توهان وڏيري وٽ يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي پاران  ڪوٺايل سيمينار ۾ نورالهدي شاهه پيپلزپارٽي تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته جنهن ووٽر کي ڀٽو گپ ۾ لهي ڀاڪر پائيندو هو ان کي توهان وڏيري وٽ يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، وفاق وٽ سرخرو ٿيڻ چاهيو ٿا ته ووٽر کي وڏيري کان آزاد ڪرايو، هن چيو ته پيپلزپارٽي خراب آهي، پنهنجي جوابدار جي ڳچي اسان پڪڙينداسين توهان کي نه پڪڙڻ ڏينداسين، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ خراب آهي، ان جي ڪارڪردگي خراب آهي پر پنهنجي جوابدار جي ڳچي اسان پڪڙينداسين توهان کي پڪڙڻ نه ڏينداسين، ڇو ته هي اسان جو حساب آهي، هن وفاق طرف اشارو ڪندي چيو ته ڪراچيء کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڳالهه سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي سڃاڻپ کي سخت نقصان رسائڻ برابر آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت قبول نٿو ڪري سگهجي، پيپلزپارٽي جي دشمني ۾ سنڌ جو نالو استعمال ڪري اوهان سنڌي عوام جي اندر ڳڻتي پيدا ڪري رهيا آهيو، اها وهان جي لاءِ ئي نقصانڪار آهي، هي ڏسو سنڌ جو معاملو ايندو ته سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي کان هٽي ڪري بيهي رهندا يا وري پيپلزپارٽي پاڻ گڏجي بيهي رهندي، ان معاملي ۾ جيڪي به ٽيڪس يا ٻيا معاملا آهن ان ۾ ڪراچي کي جهڙي طرح هٿيار بڻايو ويو اڄ ناهي بڻايو ويو ڪراچي ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽيو ويو آهي، جيڪڏهن مشرف جي دور ۾ اهو ٻج نه ڇٽيو وڃي ها  ته اڄ اوهان نسلن جي حوالي سان سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ کي الڳ الڳ سڃاڻي به نه سگهو ٿا، اوهان کي خبر ئي نه هجي ها ته ڪنهن جي امڙ سنڌي آهي ڪنهن جو پيءُ اردو ڳالهائي ٿو پر اوهان محبتون سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو، اسان ٻيهر هن نفرت کي ڌوئڻ شروع ڪيو آهي، هن چيو ته جڏهن ڪئنالن وارو معاملو هليو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شامل عورت چيو ته ڇورا ڏنڊا کڻي اچو، وڪيلن تي حملو ٿيڻ وارو آهي، هن ڌرڻي دوران تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مون ڪراچي کان حيدرآباد ۽ ٻٻرلوءِ تائين جيڪي به عورتون، مرد ۽ ٻار وڃي رهيا هئا انهن جي وات ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو نه ٻڌو، هڪڙو ئي نعرو هو ڪئنال سمورا نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌوءَ ڌاڙو نامنظور، اهي سنڌي آهن، هي سنڌ جو عوام آهي، حيدرآباد کان سکر تائين اربين رپين جو مال جيڪو اسان جو نه هو، سنڌ جو نه هو، جنهن کي اوهان ڏانهن اچڻو هو جيڪو اوهان جو هو، هي چاهين ها ته اهو مال ڦري وٺن ها پر امانت با سلامت اهو اربين رپين جو مال ڪنيٽر هر ڳوٺ جي سامهون بيٺل رهيا پر ڪنهن به ان ۾ هٿ نه وڌو.

پ پ 26 ۽ 27 ترميم جهڙي چستي 28 ترميم خلاف ڏيکاري: وسعت الله

ڪراچي: نامور صحافي وسعت الله خان چيو ته اسلام آباد پنڊي کي سنڀالي وٺي تڏهن به ڪافي آهي 18 هين ترميم يا ان ۾ ردوبدل ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته پيپلزپارٽي جيئن 26 ۽ 27 ترميم تي ڦڙتي ڏيکاري ان کان اڌ ڏيکاري وڃي ته 28 ترميم نه ٿي سگهي، هن چيو ته  ڪا به سازش تيستائين ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي جيسيتائين قلعي جو دروازو اندان ڪير نه کولي يا قعلي هي پٺئين دروازي مان ڪير داخل نه ٿئي، هن  چيو ته  آئيني تحفظ هوندي جيڪڏهن توهان نه چاهيو ته ڪيئن ڪير صوبي جو نقشو تبديل ڪري سگهي ٿو، جيڪو صدر توهانجو آهي جنهن جا دستخط ٿيندا آهن ته پوء ڪهڙي ڳالهه جو ڊپ آهي اڪثريت کان سواءِ ڪيئن اهو ممڪن آهي ته ڪا به ترميم منظور ٿي وڃي ووٽن ۾ توهانجي اڪثريت آهي شهري حڪومتن واري شهرن جو نظام ڇو بلدياتي ادارن کي نه ٿو ڏنو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته لنڊن، ممبئي، دهلي،جوهانسبرگ شهر به اهڙي ئي طرح هلن ٿا .

ڪراچي بدران وفاق پنڊي کي ته هلائي ڏيکاري: فاضل جميلي

ڪراچي: فاضل جميلي چيو ته لاهور کي وفاق حوالي ڪيو، وفاق راولپنڊي کي صحيع طرح هلائي،18هين ترميم کي ختم ڪرڻ ڪراچي کي وفاق  حوالي ڪرڻ جو ڳالهيون ٿين پيون وفاق حوالي ڪري سڀاڻي صوبو ٺاهي ڇڏيندو،ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي چيو ته آزاد اميدوار وارو تصور سنڌ ۾ ڪامياب ناهي ٿيندو هر اميدوار ڪنهن نه ڪنهن پارٽي سان واڳيل هوندو آهي آزاد اميدوار وارو تصور ضياءُ  الحق آندو۽سلام پيش ڪيان  ٿو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن آئين ۽ عام ماڻهن کي متعارف ڪرايو.جڏهن ڏسو ڪو نه ڪو اچي ٿو چوي ٿو اي ميري هم وطن، سيمينار کي نامور ليکڪ نورالهد شاهه، سينيٽر ضمير گهمرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 18ترميم جو خاتمو، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واريون ڳالهيون ملڪ ۽ سنڌ دشمن آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.