اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت مونال ريسٽورنٽ جي بندش خلاف سي ڊي اي جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران ريسٽورنٽ کي فوري طور کولڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، جسٽس حسن رضوي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت مونال ريسٽورنٽ ڊاهڻ واري فيصلي تي نظرثاني جي حمايت ڪئي، جڏهن ته عدالت فوري رليف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جسٽس حسن رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب جانورن جا حق ته تسليم ڪيا ويا آهن پر انسانن جا نه، هن چيو ته مونال جي ليز جي تجديد وارو ڪيس سول ڪورٽ ۾ التوا هيٺ هو، جڏهن ته ڪجهه ريسٽورنٽن جون انٽرا ڪورٽ اپيلون به هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ هيون، وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ هڪ ئي فيصلي سان مختلف عدالتن ۾ هلندڙ سمورن ڪيسن کي اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو، جسٽس حسن رضوي سوال ڪيو ته لاڳاپيل ڌرين کي ٻڌڻ وارو نڪتو سپريم ڪورٽ ۾ ڇو نه اٿاريو ويو؟ سپريم ڪورٽ ۾ سڀئي وڪيل خاموش ڇو ٿي ويا هئا؟ وڪيل احسن ڀون چيو ته جيئن سپريم ڪورٽ ۾ ادب سان بيٺا هئاسين، تيئن هتي به ادب سان بيٺا آهيون، ان تي جسٽس حسن رضوي چيو ته وڪيل جو ڪم قانوني گهرج اٿارڻ هوندو آهي، ادب سان ته درٻاري بيهندا آهن، سي ڊي اي جي نظرثاني درخواست ۾ ڪو مضبوط قانوني نڪتو ئي پيش نه ڪيو ويو، عدالتون وڪيلن جي اتفاق راءِ سان نه هلنديون آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي اهڙي قسم جي فيصلي کي صرف اتفاق راءِ سان ختم نٿو ڪري سگهجي.