سوشل ازم جو موجوده حالتن ۾ جائزو

خادم حسين مشوري

سوشلزم، جديد سياسي، معاشي ۽ سماجي فڪر جي وسيع ڪائنات ۾ هڪ اهڙو فڪري نظريو شمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن نه فقط قومن جي سياسي جوڙجڪ، اقتصادي نظامن ۽ سماجي قدرن تي گهرو اثر ڇڏيو، پر انساني فڪر جي تاريخ ۾ پڻ هڪ اهڙي تحريڪ طور اُڀريو، جنهن مساوات، انصاف ۽ اجتماعي ڀلائيءَ جي اصولن کي نئين سر اجاگر ڪيو. هي محض ڪو سياسي نعرو، اقتصادي بندوبست يا اقتدار جي حاصلات جو وسيلو نه، پر هڪ وسيع فڪري فلسفو، انساني احساسن جي ترجماني ۽ محروم طبقي جي آرزوئن جو اظهار آهي، جنهن جو مرڪزي مقصد معاشري مان طبقاتي تفاوت، اقتصادي استحصال، دولت جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ انساني محرومين جي تڪليفن کي گهٽائڻ يا هميشه لاءِ ختم ڪرڻ رهيو آهي.

هيءُ فڪر ان زماني جي فضا ۾ جنم وٺي ٿو، جڏهن انسان اهو مشاهدو ڪري ٿو ته دولت، اختيار، زمينون، واپار، صنعتون ۽ پيداوار جا وسيلا جڏهن چند بااثر ۽ مالدار ماڻهن جي قبضي ۾ محدود ٿي وڃن ٿا، تڏهن معاشرو ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وڃي ٿو؛ هڪڙو اهو طبقو، جنهن وٽ آسائش، اختيار ۽ حڪمرانيءَ جا سڀ وسيلا موجود هجن، ۽ ٻيو اهو طبقو، جيڪو پنهنجي ئي محنت جي باوجود محرومي، غربت، بک، بي روزگاري ۽ بي وسيءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي وڃن. اهڙي سماجي تفاوت ۽ اقتصادي بي انصافيءَ جي پس منظر ۾ سوشلزم هڪ اهڙي صدا بڻجي سامهون آيو، جنهن انسان کي اهو سبق ڏنو ته معاشري جي تعمير فقط اميرن جي آسودگيءَ لاءِ نه، پر عام انسان جي فلاح، وقار ۽ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ پڻ هجڻ گهرجي.

سوشلزم جي بنيادي اصولن موجب، زمينون، ڪارخانا، معدنيات، زراعت، واپاري ادارا، توانائيءَ جا سرچشما ۽ قومي وسيلن جا خزانا رڳو چند سرمائيدارن يا اشرافيه جي ذاتي ملڪيت نه هجڻ گهرجن، بلڪه انهن تي اجتماعي نگراني يا رياستي ذميواري هئڻ گهرجي، ته جيئن دولت جي ورڇ ۾ اعتدال، انصاف ۽ هم آهنگيءَ جو ماحول پيدا ٿي سگهي. هن فڪر جو بنيادي تصور اهو رهيو آهي ته معاشري جي هر انسان کي تعليم، علاج، روزگار، رهائش، خوراڪ ۽ عزت سان زندگي بسر ڪرڻ جا برابر موقعا حاصل هجن، ۽ ڪنهن به فرد کي غربت يا وسيلن جي کوٽ سبب ذلت يا محروميءَ جو شڪار نه ٿيڻ ڏنو وڃي.

جيتوڻيڪ سوشلزم جي فڪري جڙون قديم دؤرن تائين پکڙيل ڏسجن ٿيون، پر ان جي منظم صورت اوڻيهين صديءَ ۾ ظاهر ٿي. قديم زماني جي مفڪرن، دانائن ۽ فلسفين جي تحريرن ۾ پڻ اجتماعي ڀلائي، انصاف ۽ سماجي برابريءَ جا تصور ملن ٿا. يونان جي مشهور داناءَ افلاطون پنهنجي لازوال تصنيف ”جمهوريه“ ۾ اهڙي رياست جو تصور پيش ڪيو، جتي شخصي مفادن بدران اجتماعي فائدي کي اهميت حاصل هجي، ۽ حڪمرانيءَ جو مقصد عوام جي فلاح هجي، نه ڪي ذاتي اقتدار. پر جديد سوشلزم جي فڪري تعمير جو بنياد ان وقت پيو، جڏهن صنعتي تبديليءَ دنيا جي معاشي ڍانچي کي تبديل ڪري ڇڏيو. يورپ جي مختلف علائقن ۾ وڏا ڪارخانا قائم ٿيا، مشينن جو استعمال وڌيو، واپار کي نئين رفتار ملي، ۽ سرمائي جي مرڪزيت ۾ بي پناهه واڌ ٿي. ظاهري طور تي ترقيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، پر انهيءَ ترقيءَ جي پردي پٺيان مزدورن جي استحصال جي هڪ دردناڪ داستان به جنم ورتو.

پورهيت طبقي کي انتهائي گهٽ اجرت تي ڊگها ڪلاڪ پورهيو ڪرڻو پوندو هو. معصوم ٻار به ڪارخانن جي دونهين ۽ مشينن جي شور ۾ پنهنجي ننڍپڻ کان محروم ٿي رهيا هئا. عورتون گهٽ اجرت تي سخت محنت ڪرڻ تي مجبور هيون، جڏهن ته سرمائيدار طبقو سندن محنت جي نتيجن مان دولت جا انبار گڏ ڪري رهيو هو. انساني عظمت جي اهڙي پامالي، سماجي ناانصافيءَ ۽ اقتصادي تفاوت ڪيترن دانشورن ۽ مفڪرن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ڇا ترقيءَ جو مقصد رڳو مالدار طبقي جي آسودگي آهي يا عام انسان جي بهتري پڻ؟ اهڙي فڪري ڇڪتاڻ جي دؤر ۾ جرمن مفڪر ڪارل مارڪس ۽ سندس فڪري ساٿي فريڊرڪ اينگلز سوشلزم کي هڪ منظم، انقلابي ۽ فلسفياتي صورت عطا ڪئي. سندن خيال هو ته انساني تاريخ دراصل طبقاتي ڇڪتاڻ جي تاريخ آهي، جتي هڪ طبقو هميشه معاشي قوت ۽ سرمائي جي بل بوتي تي ٻئي طبقي تي حڪمراني ڪندو رهيو آهي. سندن مشهور تصنيف ”اشتراڪي منشور“ ۾ اهو دليل پيش ڪيو ويو ته سرمائيداري نظام پنهنجي ئي اندروني تضادن سبب نيٺ ڪمزور ٿيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ جڏهن دولت چند هٿن ۾ محدود ٿيندي رهندي ته محروم طبقو بغاوت تي مجبور ٿيندو.

مارڪس جي معاشي تجزيي موجب، پورهيت جي محنت مان پيدا ٿيندڙ اضافي منافعو سرمائيدار جي قبضي ۾ هليو وڃي ٿو، جنهن سبب هڪ طرف دولت وڌندي رهي ٿي ۽ ٻي طرف مزدور محروميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهي ٿو. هن خيال تحت سوشلزم کي اهڙي عبوري منزل سمجهيو ويو، جيڪا نيٺ هڪ اهڙي معاشري ڏانهن راهه هموار ڪندي، جتي طبقاتي فرق، استحصال، غربت ۽ ناانصافيءَ جو خاتمو ممڪن بڻجي سگهندو.

تنهن هوندي به سوشلزم رڳو هڪ ئي فڪري صورت ۾ محدود نه رهيو. وقت سان گڏ ان جون مختلف تعبيرون ۽ روپ وجود ۾ آيا. هڪ طرف انقلابي سوشلزم رهيو، جنهن نظام جي تبديليءَ لاءِ انقلابي جدوجهد ۽ تيز تحريڪ کي ضروري سمجهيو، ته ٻئي پاسي جمهوري سوشلزم سامهون آيو، جنهن چونڊن، قانوني سڌارن، عوامي نمائندگي ۽ پارلياماني جدوجهد ذريعي سماجي انصاف جي قيام کي ممڪن قرار ڏنو.

اتر يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ سوشلزم جي نرم ۽ اعتدال واري صورت اختيار ڪئي وئي، جتي خانگي واپار کي به برقرار رکيو ويو، پر ساڳئي وقت رياست عوام جي بنيادي ضرورتن جي ذميواري پڻ پنهنجي ڪلهن تي کنئي. تعليم کي عام ڪيو ويو، علاج کي سستو يا مفت بڻايو ويو، بي روزگار ماڻهن لاءِ مالي سهائتا جو بندوبست ڪيو ويو، ۽ پوڙهائپ جي زندگيءَ کي باوقار بڻائڻ لاءِ وظيفا مقرر ڪيا ويا. نتيجي طور انهن ملڪن ۾ سماجي تفاوت گهٽ ٿيو ۽ عوامي خوشحاليءَ جي شرح ۾ نمايان واڌ آئي.

ٻئي پاسي، مڪمل رياستي سوشلزم جا تجربا پڻ دنيا ۾ ڪيا ويا. روسي انقلاب کان پوءِ هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو ويو، جتي زمينون، صنعتون، واپار ۽ زرعي وسيلا رياستي نگرانيءَ هيٺ آندا ويا. شروعاتي دؤر ۾ تعليم، صنعتڪاري، سائنس ۽ دفاعي طاقت ۾ قابل ذڪر ترقي ٿي، پر وقت سان گڏ انتظامي پيچيدگيون، سياسي آزاديءَ جي کوٽ، سخت مرڪزي ڪنٽرول، بيوروڪريسي ۽ اقتصادي جمود سبب اهو نظام تنقيد جي زد ۾ اچي ويو، ۽ نيٺ زوال پذير ٿي ويو.

ساڳئي نموني چين ابتدا ۾ سخت اشتراڪي اصول اختيار ڪيا، پر پوءِ زماني جي تبديليءَ ۽ اقتصادي ضرورتن کي محسوس ڪندي واپار ۽ منڊيءَ جي محدود آزاديءَ کي قبول ڪيو ويو. اڄ چين اهڙي منفرد مثال طور سامهون اچي ٿو، جتي رياستي نگراني ۽ واپاري آزادي هڪ ٻئي سان گڏ هلي رهيا آهن، جنهن سوشلزم بابت نئين بحث کي جنم ڏنو آهي ته ڇا ڪو به نظريو زماني جي ضرورتن مطابق تبديل ٿيڻ کان سواءِ زنده رهي سگهي ٿو؟

سوشلزم جا حامي اهو دليل ڏين ٿا ته هي نظام انساني وقار، سماجي انصاف ۽ معاشي برابريءَ کي هٿي ڏئي ٿو. سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن تعليم، علاج، روزگار ۽ زندگيءَ جون بنيادي سهولتون صرف مالدارن جي دسترس ۾ رهنديون ته سماج ۾ ناانصافي، بي چيني ۽ طبقاتي نفرت وڌندي. ان ڪري سوشلزم دولت جي منصفاڻي ورڇ، پورهيت طبقي جي تحفظ ۽ انساني حقن جي پاسداريءَ جو هڪ اهم ذريعو بڻجي سگهي ٿو.

پر هن فڪر جا نقاد پڻ پنهنجا دليل پيش ڪن ٿا. سندن خيال آهي ته حد کان وڌيڪ رياستي نگراني فرد جي تخليقي صلاحيتن، واپاري مقابلي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي رفتار کي متاثر ڪري سگهي ٿي. ڪيترن سوشلسٽ تجربن ۾ انتظامي ناڪامي، سستي، بدعنواني ۽ سياسي جبر جا مثال پڻ سامهون آيا، جنهن سبب ڪيترن معاشرن ۾ مايوسي پيدا ٿي.

تجزياتي ۽ تجربي جي بنيادن تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سوشلزم نه مڪمل طور ناڪام نظريو ثابت ٿيو آهي، ۽ نه ئي مڪمل طور ڪامياب. ان جي ڪاميابيءَ جو دارومدار گهڻو ڪري ان ڳالهه تي رهيو آهي ته ان کي ڪهڙي سياسي حڪمت، ادارتي شفافيت، عوامي اعتماد ۽ معاشي اعتدال سان لاڳو ڪيو ويو. جتي سماجي انصاف، جمهوريت، احتساب ۽ انساني آزاديءَ سان گڏ هن فڪر کي اختيار ڪيو ويو، اتي مثبت نتيجا ظاهر ٿيا، جڏهن ته جتي ان کي سخت مرڪزي ڪنٽرول ۽ سياسي جبر سان لاڳو ڪيو ويو، اتي بحران پيدا ٿيا. برصغير جي سياسي فضا ۾ پڻ سوشلزم جا اثر نمايان رهيا آهن. خاص طور تي ذوالفقار علي ڀٽو “اسلامي سوشلزم” جو نعرو پيش ڪيو، جنهن تحت مزدورن جي حقن، قومي صنعتن ۽ سماجي انصاف تي زور ڏنو ويو. تنهن هوندي به انهن پاليسين بابت اڄ تائين مختلف رايا موجود آهن؛ ڪي حلقا انهن کي محروم طبقي جي بهتريءَ لاءِ اهم قرار ڏين ٿا، جڏهن ته ڪي ماهر انهن کي معاشي زوال جو سبب سمجهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.