شِري گُرڙ پُراڻ هڪ پَوِتر ، ڌارمِڪ ۽ قديم گرنٿ آهي ، جيڪو مَنش جي مَرتيوجي ٽئين ڏينهن کان وٺي ڏهين ڏينهن تائين پڙهيو ويندو آهي. هن پُراڻ ۾ جِيون جي اُتپتي کان ويندي ، مَنش جي اَنتم سَنسڪار تائين واريون اهم ڳالهين جا تفصيل درج ٿيل آهن. شِري گُرڙ پُراڻ کي شَريمد ڀاڳوت گيتا جي سَمان سمجهڻ گهرجي ۽ هن گِرنٿ کي پاڪائي ۽ صفائي سُٿرائي سان پڙهڻ گهرجي ، ڇاڪاڻ ته هي به شِو پُراڻ ، وِشنو پُراڻ ۽ ڀاڳوت گيتا وانگر هڪ مَها پُراڻ آهي. هن کي پڙهڻ وارو ماڻهو پڙهڻ وقت گهر ۾ سچي گهه سان ڏيئو ٻاري ، مٿي تي لال تِلڪ لڳائي ، چانور چاڙهي ، گنگا جَل جو ڇنڊو هڻي نمسڪار ڪري پوءِ پڙهندو آهي.
هي پُراڻ اسان وٽ ” شِري سُوت“ ذريعي پهتو ، هن پُراڻ جو لڳ ڀَڳ نوي سيڪڙو حصو شِري گُرڙ ۽ شِري وِشڻو ڀَڳوان جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه تي ٻَڌل آهي ، جنهن ۾ شِري گُرڙ سوال ڪري ٿو ۽ شِري وشڻو ڀَڳوان کيس جوابَ ڏيئي ٿو. دراصل گُرڙ (هڪ وڏي قدامت وارو ۽ اڏامندڙ پکي آهي ، جنهن جو ذڪر ديو مالائي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ اچي ٿو) . گُرڙ پُراڻ جي ٽئين اڌياءَ ۾ لکيل آهي ته ؛ شِري گُرڙ جا ماتا پِتا ( وِنتا ۽ ڪشيپ آهن ).
شِري گُرڙ پُراڻ جي پهرئين اَڌياءَ ۾ لکيل آهي ته ؛ ”جيڪو ٿي رهيو آهي ، اهو سُٺو ٿي رهيو آهي ، جيڪو ٿي چُڪو آهي ، اهو سُٺو ٿيو ۽ جيڪو اڳتي ٿيندو اهو به سُٺو ٿيندو، توهان گذري ويل وقت جي لاءِ نه پڇتايو ۽ اچڻ واري وقت جي چِنتا بلڪل نه ڪيو“ شِري پُراڻ جي ٻئي اڌياءَ ۾ لکيل آهي ته ؛ ”جنهن کي توهان مَرتيو سمجهو ٿا ، اصل ۾ اهو ئي ٻيو جِيون آهي“ ان کان سواءِ هن اڌياءَ ۾ سَرڳَ ، نَرڳ ، سَزا ، جَزا ، ڏوهن ثوابن ۽ پُل صِراط جو ذڪر وڏي وَستارَ سان ٿيل آهي. ٽئين اڌياءَ ۾ لکيل آهي ته ؛ ” هن يُگَ ۾ جيڪو چڱا ڪرمَ ڪندو انهن لاءِ مَرتيو کان پوءِ سَرڳ آهي ۽ جن جا ڪَرمَ خراب يا ڪُڌا آهن ، انهن لاءِ اڳتي نَرڳ آهي“
چوٿين ، پنجين ، ڇهين ۽ سَتين اَڌياءَ ۾ ساڳيون ڌارمِڪ ڳالهيون ، سَرڳ ، نَرڳ ۽ ڪَرمن جي حساب ڪتاب بابت لکيل آهي . اٺين اڌياءَ ۾ ؛ منش جي ڄمڻ ۽ ڳرڀَ جي مختلف مرحلن کان وٺي ،جيون سَرتر ۾اچڻ تائين جواحوال، ٻالڪپڻ، ماتا پتا جا حقَ، پاپَ ۽ ثوابَ، نِيمَ، ڪرمَ ۽ ڪَرما، ڌَرم۽ پالنا بابت ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي، جيڪا سموري شِري گُرڙ ۽ شِري وِشنو جي وچ ۾ ٿئي ٿي. نائين اڌياءَ ۾”پُورڻ وَئديش “ نالي هڪ شهر جو ذڪر ٿيل آهي ، جنهن ۾ هڪ وئش ”سُو ديو“ جو ذڪر ٿيل آهي ، هن ۾ هڪ سبق آموز ڪهاڻي بيان ٿيل آهي جنهن جو مقصد ڪَرمن جي سزا ۽ ڪَرمن جي ڦَل کي بيان ڪرڻ آهي، ان کان سَواءِ هن اَڌياءَ ۾ڪيتريون ئي ديومالائي ڏند ڪٿائون ، قصا ۽ ڪهاڻيون بيان ڪيل آهن ، جن جو مقصد هن زندگيءَ ۾ چڱا ڪم ڪرڻ ۽ ڀَڳوان جي پوڄا پاٺ ڪرڻ ۽ ماتا پِتا جي خدمت ڪرڻ آهي. ڏهين اَڌياءَ ۾مَنش جي مَرتيو کان پوءِ هيٺ ڄاڻايل شيون دان ڪرڻ لاءِ لکيل آهي؛
- تِرَ ، 2. لُوڻ ، 3.سَتنجا ، 4. ڀومي، 5. لوهه، 6. سون، 7. ڪپهه ۽ 8. ڳئون
گُرڙ پُراڻ موجب اهي سڀئي شيون يا انهن منجهان ڪا به شي دان ڪرڻ سان منش کي مفتي حاصل ٿئي ٿي.
يارهين اڌياءَ ۾ ڪُٽنب جي رهڻي ڪهڻي ، رسمن ريتن ۽ مال ملڪيت جي ورهاست بابت لکيل آهي ته ؛ اها ورهاست ڪهڙي ڌارمڪ قانون موجب ٿيڻ گهرجي. ٻارهين اڌياءَ ۾ وشڻو ڀڳوان ، شِو مهاراج ، برهما ۽ يمراج جون مورتيون ٺاهي انهن اڳيان منتر پڙهي ، مرڻ واري جي لاءِ جاپ ڪرڻ بابت لکيل آهي ۽ دان ڪرڻ لاءِ پڻ ڄاڻايل آهي.تيرهين اڌياءَ جي شروعات ۾ لکيل آهي ته ؛ مرڻ کان پوءِ برهمڻ ڏهن ڏينهن ۾ ، کشتري ٻارنهن ڏينهن ۾ ، وئيش پندرهن ڏينهن ۾ ۽ شودر هڪ مهيني ۾ شُڌ يا مُفت ٿين ٿا ، ان کان سواءِ هن اڌياءَ ۾ وِرت رکڻ ، پوڄا پاٺ ڪرڻ ، جاپ ڪرڻ ۽ دان ڪرڻ بابت لکيل آهي.
چوڏهين اڌياءَ ۾ يَم لوڪ بابت تفصيل ڏنا ويا آهن ، جيڪو تمام گهڻو وِشال ۽ امر هوندو ۽ ان ۾ مختلف طبقن ، ذاتين ۽ قبيلن جي هجڻ بابت لکيل آهي ، جيڪي يَم لوڪَ ۾ هوندا. پندرهين اڌياءَ ۾ اولاد جي ڄمڻ ۽ ان جي شرير ۾ موجود انگن بابت لکيل آهي ، جڏهن ته سورهين ۽ آخري اڌياءَ ۾ سمنڊن ، دريائن ، وِديا ، شاسترن ، ڌارمڪ پستڪن ، منوش جي عمر ، منوش جي ڀاڳ ۽ اڀاڳ بابت لکيل آهي. جيڪڏهن گُرڙ پُراڻ جي فلسفي کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪجي ته ؛ هيئن چئي سگهجي ٿو ته ؛ شِري گُرڙ پُراڻ اهو پستڪ آهي جنهن ۾ منش جي جنم کان مَرتيو جي سنسڪارن ، پوڄا پاٺ ۽ هران نقطي جي وضاحت ٿيل آهي جنهن ۾ انسان جي ڳِرڀَ ۾ اچڻ کان وٺي ڄَمڻ ، وڏي ٿيڻ ، ۽ انسان جي شريرَ جي سمورن عضون جا تفصيل ، پاپَن ۽ ثوابن ، نَرڳ ۽ سَرڳ ۽ سزائن ۽ جزائن بابت آهي پر ان سان گڏ هن ۾ اِتهاس جا ڪجهه احوال پڻ ڏنل آهن ، جن ۾ مختلف قديم شهرن ، شخصيتن، رسمن رواجن جي ڳالهه ٿيل آهي انهن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.
شِري گُرڙ پُراڻ ۾ ڪُل سورنهن اڌياءَ آهن ، ان کان سواءِ هن جي آخر ۾ ڪجهه بيمارين ۽ حالتن کي بهتر ڪرڻ جا منتر ڏنل آهن ، جيڪي ان دور ۾ عام طور پڙهيا ويندا هئا. گُرڙ پُراڻ جا ڪُل صفحا هڪ سئو ڇاهٺ آهن جن ۾ هندو ڌرم ، منش جي ڄمڻ کان مرڻ بابت ، ڪَرمن بابت ۽ سَنسڪارن بابت لکيل آهي. هندو ڌرم ۽ اتهاسَ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي شوقين ماڻهن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.