اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) ۾ سوشل ميڊيا قانونن جي ڀڃڪڙي ساڍا هزار هزار پاڪستاني ڊي پورٽ ڪري ڇڏيا.
قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته گڏيل عرب امارتن ۾ ايران-آمريڪا جنگ دوران اتان جي سوشل ميڊيا بابت قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ساڍن ٽن هزار پاڪستانين کي واپس وطن موڪليو ويو آهي.
ڊي پورٽ ڪيل ماڻهن جي ملڪيت به سندن وارثن حوالي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي ان ۾ ڪا ڏکيائي آهي ته آگاھه ڪري، پرڏيهي وزارت ان معاملي ۾ مدد ڪندي.