سخت گرمي ۽ هيٽ ويو دوران جسم ۾ پاڻي جي کوٽ هڪ عام مسئلو بڻجي وڃي ٿي، جنهن سبب ٿڪاوٽ، مٿي جو سور ۽ ڪمزوري جهڙيون علامتون ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته رڳو پاڻي پيئڻ ڪافي ناهي، پر ليمو، لوڻ ۽ ٿوري کنڊ شامل ڪرڻ سان فائدو ٿيندو. ماهرن چيو ته پودنو جسم کي ٿڌڪار ڪندو آهي ۽ پاڻي کي تازگي ڏيندو آهي، بهتر ذائقي ۽ خوشبو سبب ماڻهو گهڻو پاڻي پيئندا آهن جنهن سان ڊي هائيڊريشن گهٽ ٿيندي آهي.
هنن چيو ته لوڻ جو ٿورو استعمال ڪرڻ سان پاڻي وڌيڪ ڪارائتو بڻجي سگهي ٿو، جسم ۾ گهڻي دير تائيم پاڻي برقرار رکڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
ماهرن صلاح ڏني آهي ته اڃ لڳڻ جو انتظار نه ڪيو وڃي، ڏينهن ۾وقفي وقفي سان پاڻي پيئڻ گهرجي. ان سان گڏ هنداڻو، کيرا ۽ ڏهي جهڙيون پاڻي واريون غذائون استعمال ڪيون وڃن، جڏهن ته وڌيڪ چانهه، ڪافي ۽ مٺي شربت کان پاسو ڪيو وڃي. سندن چوڻ آهي ته هلڪا ڪپڙا پائڻ، هلڪي غذا کائڻ ۽ منجهند 12 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غيرضروري طور ٻاهر نڪرڻ کان بچڻ سان هيٽ ويو جي منفي اثرن کان وڏي حد تائين محفوظ رهي سگهجي ٿو.