ليپ ٽاپ کي مسلسل سليپ يا اسٽينڊ باءِ موڊ تي رکڻ بدران باقاعدا ري اسٽارٽ ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته اهو ڊوائيس جي ڪارڪردگي بهتر رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ماهرن صلاح ڏني آهي ته ليپ ٽاپ کي گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ري اسٽارٽ ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته گهڻو استعمال ڪندڙ هفتي ۾ ٻه ڀيرا ري اسٽارٽ ڪن. جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن تائين ليپ ٽاپ استعمال ڪرڻ جو ارادو نه هجي ته ان کي مڪمل طور بند (شٽ ڊائون) ڪرڻ بهتر آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ري اسٽارٽ ڪرڻ سان ميموري ۽ ڪيش صاف ٿيندي آهي، آپريٽنگ سسٽم نئين سر هلندو آهي ۽ اپڊيٽس به صحيح نموني انسٽال ٿينديون آهن. سندن موجب ڊگهي عرصي تائين ري اسٽارٽ نه ڪرڻ سبب بيڪ گرائونڊ ايپس ريم تي اضافي بار وجهن ٿيون، جنهن سان ليپ ٽاپ سست ٿيڻ يا اوچتو ڪريش ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا.
ليپ ٽاپ ڪيتري عرصي بعد ري اسٽارٽ ڪرڻ گهرجي؟ ماهرن ٻڌائي ڇڏيو!