پاڪستاني واهپيدارن لاءِ خوشخبري، هاڻي ڪروم ۾ جيمنائي جو استعمال آسان!

گوگل پنهنجي اي آءِ چيٽ بوٽ جيمناءِ کي سڌو سنئون ڪروم ويب برائوزر جو حصو بڻائي پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجبب جيمناءِ ان ڪروم فيچر ذريعي واهپيدار ڪروم جي مٿئين ساڄي ڪنڊ ۾ موجود جيمنائي آئڪن تي ڪلڪ ڪري اي آءِ چيٽ بوٽ استعمال ڪري سگهندا. هي فيچر اڳ آمريڪا، ڪينيڊا، نيوزيلينڊ ۽ ڀارت ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، جڏهن ته هاڻ پاڪستان ۾ به دستياب آهي.

رپورٽ موجب جيمنائي ويب پيجز کي پڙهي ۽ سمجهي سگهندو، مختلف ٽيبز ۾ موجود ڄاڻ جو مقابلو ڪري سگهندو ۽ واهپيدار جي برائوزنگ هسٽري مان اڳ کوليل ويب سائيٽن کي به ڳولي ڏئي سگهندو. ان کانسواءِ گوگل جون خدمتون جهڙوڪ جي ميل، يوٽيوب، ميپس ۽ ڪيلينڊر به سڌو سنئون جيمناءِ ذريعي ويب پيج بند ڪرڻ کانسواءِ به استعمال ڪري سگهبيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.