اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شهباز شريف جي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ جو اختلافي نوٽ جاري ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ باني جي دفاع واري حق جي بحالي واري فيصلي تي جاري ڪيل هن اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي ڪيس عدالتن جي بيوسي ۽ درخواست گذار جي غير معمولي دير جي ڪلاسيڪل مثال آهي.
اختلافي نوٽ موجب، هي ڪيس 2017 ۾ داخل ٿيو، پر درخواست گذار جواب جمع ڪرائڻ ۾ اٽڪل 4 سال دير ڪئي، 16 مارچ 2022 تي سوال ڏنا ويا، 5 کان 6 موقعا ملڻ باوجود درخواست گذار جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو.
عدالتي آرڊر شيٽ موجب، 26 اپريل 2022 تي ئي سوالن جا جواب تيار هئا، رڳو سينئر وڪيل جون صحيحون باقي هيون، پر عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ بدران ايندڙ تاريخ تي ڪارروائي کي ڊگهو ڪرڻ لاءِ ٻيهر اعتراض داخل ڪيا ويا.
جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته درخواست گذار جو اهو عمل واضح طور تي ڄاڻي واڻي عدالتي حڪمن جي نافرماني تي ٻڌل هو، نظرثاني اختيارن وارو دائرو انتهائي محدود آهي ۽ اڳوڻي اڪثريتي فيصلي ۾ ڪا به واضح غلطي موجود ناهي.