واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ رات ايران تي ٻيهر ” سخت حملو“ ڪرڻ جو اعلان ڪندي ايران جي خارگ ٻيٽ تي ڪنٽرول سنڀالڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.
ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ”آمريڪا اڄ رات ايران تي تمام سخت حملو ڪندو، ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن وقت اسان خارگ ٻيٽ ۽ تيل جي انفراسٽرڪچر جي ٻين اهم هنڌن تي قبضو ڪري وٺنداسين ۽ ان جي تيل ۽ گيس جي مارڪيٽن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪنداسين، بلڪل ائين جيئن اسان وينزويلا سان ڪيو هو.“
ياد رهي ته آمريڪي صدر جي اعلان کانپوءِ آمريڪي فوجن خميس جي صبح ايران تي حملن جو هڪ ٻيو سلسلو شروع ڪيو، جنهن کي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايران جي مسلسل ۽ چڙ ڏياريندڙ جارحيت جو ردعمل قرار ڏنو
ان دوران اولهه تهران، مهرآباد ايئرپورٽ ۽ ايران جي شهر ڪرج ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ جا اطلاع مليا آهن.
ان جي جواب ۾ ايران خطي ۾ آمريڪي ٻيٽن کي نشانو بڻائڻ ۽ آبناءِ هرمز کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ايراني ميڊيا موجب، پاسدارنِ انقلاب نيوي آبناءِ هرمز ۾ ٻن سامونڊي جهازن کي نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته بحرين ۾ پنجين آمريڪي ٻيڙي تي ڊرون حملا ڪيا ويا آهن.