سجاول ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو ڌرڻو، ٽريفڪ بلاڪ

سجاول (رپورٽ: منظور احمد ميمڻ) سجاول ضلعي جي ڇريٽاڻي اسٽاپ ڀرسان پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي سجاول ـ ميرپور بٺورو مين روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو  ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جي آمدرفت معطل ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. اطلاعن موجب سيد مهر علي شاهه ۽ مقامي هارين ۽ زميندارن جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ آبادگارن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن آبپاشي کاتي خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته کين فوري طور پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڻي نه ملڻ سبب بيٺل فصل سڪي رهيا آهن ۽ آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ سبب ٽيل وارن علائقن تائين پاڻي نٿو پهچي، ياد رهي ته ايريگيشن عملدارن جي لاپراهي ۽ نااهلي سبب سجاول جي مختلف واهن گنج بحر منارڪي موري سميت آبادگارن کي پاڻي نه ملڻ سبب انهن جو فصل سوڪڙي جو شڪار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.