آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙ غدار يا ايجنٽ ناهن:تجزئي نگار

لنڊن(رضا رومي)ناليواري صحافي اعزاز سيد چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ اختلاف رکندڙن کي غدار ۽ پرڏيهي ايجنٽ قرار ڏنو پيو وڃي،پهريائين ڳالهه اها آهي ته جيئن پاڪستان ۾ سڀني سياسي جماعتن کي اسٽيبلشمينٽ جي دائري ۾ بند ڪري رکيو ويو آهي، ۽ سياسي جماعتون پنهنجي مرضيءَ بدران ٻين جي مرضيءَ موجب هلن ٿيون، ۽ چونڊن جا نتيجا جيئن ايندا رهيا آهن، اها سڀني کي خبر آهي،هن چيو ته ساڳيو فارمولو ڪشمير ۾ به اختيار ڪيو ويو. سياست کي قابو ۾ آڻي هڪ شخص، سردار تنوير الياس، کي آندو ويو. ان تي تمام گهڻو پئسو خرچ ٿيو. اسٽيبلشمينٽ جو نالو به آيو ته انهن به "وهندڙ گنگا ۾ هٿ ڌوتا”، ۽ ٻين ماڻهن جا نالا به سامهون آيا. پوءِ ايندڙ سال عمران خان کي به پي ٽي آءِ جي ئي مدد سان فارغ ڪيو ويو،هن چيو ته هاڻي صورتحال اها آهي ته اتي اڳ به ننڍا ننڍا مسئلا موجود هئا. 2023ع ۾ به ماڻهن احتجاج ڪيو هو، توهان کي ياد هوندو ته هتان کان رينجرز موڪليا ويا هئا. پر  ماڻهن کي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته آزاد ڪشمير جون سياسي جماعتون سندن حقيقي نمائنده نه آهن، پر ڪنهن ٻئي جي نمائندگي پيون ڪن،انهيءَ ڪري جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي وجود ۾ آئي. اهو واپارين ۽ مختلف طبقن جو هڪ گڏيل گروپ هو، هن چيو ته  جڏهن هي گروپ ٺهيو ته اسان جا ڪي ناسمجهه ماڻهو،ڪي بيوقوف ۽ ڪي طاقتور حلقا سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ لڳا ته اهي غدار آهن، "را” جا ايجنٽ آهن.پر ڀائرو! اهي غدار ناهن. حقيقت ۾ توهان جيڪي ٻج پوکيا آهن، هاڻي انهن جو فصل لڻي رهيا آهيو. اهي ماڻهو پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ ڪيتريون ئي جائز ڳالهيون ڪري رهيا آهن،هن چيو ته مثال طور، هو چون ٿا ته اهي 12 سيٽون، جيڪي پنجاب ۽ ٻين علائقن مان چونڊيون وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اسيمبليءَ ۾ اهي 12 ماڻهو حڪومت ٺاهڻ يا ڊاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، انهن کي ترقياتي بجيٽ به ڏني وڃي ٿي،هي انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي، هن چيو ته مون کي عاصمه جهانگير جو هڪ جملو ياد اچي ٿو، جنهن ۾ هن ڪجهه ماڻهن کي "ڊفرز” چيو هو. مان انهن ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.هن چيو ته وزيراعظم کي پاڻ آزاد ڪشمير وڃڻ گهرجي، ماڻهن سان ڳالهائڻ گهرجي، مظفرآباد ۾ خطاب ڪرڻ گهرجي، معذرت ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن ضرورت هجي ته نون چونڊن جو اعلان ڪرڻ گهرجي.نئين اسيمبلي اچي، ۽ جيڪڏهن اها انهن 12 سيٽن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري، ته اهو ڪري.منهنجي خيال ۾، جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته معاملا وڌيڪ خراب ٿيندا ۽ ڇڪتاڻ وڌندي.هن چيو ته برطانيا جي مانچسٽر شهر ۾ هڪ شخص جي فوت ٿيڻ تي اتان جو وزيراعظم پنهنجو دورو ملتوي ڪري واپس موٽي آيو، پر هتي ڪشمير ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا آهن، پوءِ اسان جو وزيراعظم اتي ڇو نٿو وڃي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.