آزاد ڪشمير ۾ ٻئي ڏينهن به هڙتال،ڪرفيو جا اعلان

مظفرآباد(عوامي آواز نيوز)آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ حڪومت پاران پابندي هيٺ آيل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪالهه (اربع) ٻئي ڏينهن به مڪمل شٽر ڊائون هڙتال جاري آهي، جڏهن ته راولاڪوٽ ۾ مسجدن مان اعلان ڪري شهرين کي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي پئي وڃي.ڊپٽي ڪمشنر پونڇ ممتاز ڪاظمي بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته راولاڪوٽ جي مسجدن مان "ڪرفيو لاڳو ٿيڻ” بابت اعلان جا  اطلاع آهن، پر سرڪاري طور تي اڃا تائين اهڙو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو.مقامي صحافي خورشيد بيگ موجب، مسجدن مان اعلان ڪيو پيو وڃي ته شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، ضلعي انتظاميا جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته لانگ مارچ ۾ شرڪت لاءِ قافلن جي صورت ۾ ايندڙ مظاهرين هن وقت هجيرا واري علائقي ۾ موجود آهن ۽ راولاڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.احتجاج جي پيش نظر سڄي ڪشمير ۾ سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رياستي گادي واري هنڌ مظفرآباد ۾ فوجي هيليڪاپٽر صبح سوير کان نگراني لاءِ فضائن ۾ گشت ڪري رهيا آهن.مظفرآباد سميت باغ، ميرپور، راولاڪوٽ ۽ ڪوٽلي ۾ ٻئي ڏينهن به ڪاروباري مرڪز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، بئنڪون ۽ پيٽرول پمپ بند رهيا، جڏهن ته روڊن تي عام ٽرئفڪ تقريباً نه هئڻ برابر آهي. سرڪاري آفيسون کليل هجڻ باوجود اتي حاضري تمام گهٽ آهي.ياد رهي ته حڪومت پاران تازو پابندي هيٺ آيل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي ڪشمير اسيمبلي ۾ مهاجرن لاءِ مخصوص 12 سيٽن جي خاتمي جي مطالبي جي حمايت ۾ 9 جون کان احتجاج جو اعلان ڪيو هو. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته مطالبو مڃجڻ تائين احتجاج جاري رهندو.ٻئي پاسي، مظفرآباد پوليس چيو آهي ته پابندي هيٺ آيل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اهم اڳواڻ شوڪت نواز مير خلاف غداري جو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.