اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) مالي سال 2026-27ع لاءِ 3.66 کرب رپين جي قومي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي واڌ جي شرح جو هدف 4 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي. قومي اقتصادي ڪائونسل وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي پروگرامن لاءِ 3,669 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي واڌ جي شرح (جي ڊي پي اوسر) جو هدف 4 سيڪڙو ۽ مهانگائي جي شرح 8.2 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.ريڊيو پاڪستان موجب، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي اعلان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وفاق ۽ صوبن موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سالياني ترقياتي پروگرامن ۾ مجموعي طور 1,046 ارب رپين جي گهٽتائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ 126 ارب رپين جي گهٽتائي کان پوءِ ان جي رقم 1,000 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صوبن پنهنجي ترقياتي پروگرامن لاءِ مختص بجيٽن مان 920 ارب رپيا گهٽ خرچ ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي معاشي واڌ جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ نيون مراعتون متعارف ڪرائڻيون پونديون.هن چيو ته پاڪستان ميڪرو اقتصادي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ٿيو آهي، پر هاڻي ترقي جي رفتار وڌائڻ ضروري آهي ته جيئن روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿين، پيداوار ۾ اضافو ٿئي ۽ برآمدات وڌن.وزيراعظم موجب، خطي ۾ جاري جيوپوليٽيڪل بحرانن جي باوجود پاڪستان آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز بيماري سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهي.اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت گذريل ڪيترن ئي هفتن کان بجيٽ بابت صوبن سان صلاح مشورا ڪري رهي آهي ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي انتهائي ضروري آهي.اجلاس کان پوءِ پلاننگ ڪميشن جي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته وفاق ۽صوبن ايندڙ مالي سال دوران نوان ترقياتي منصوبا شروع نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هنن موجب، دفاعي سلامتي ۽ سڪيورٽي سان لاڳاپيل ضروري منصوبن کان سواءِ ايندڙ مالي سال ۾ ڪو به نئون منصوبو شروع نه ڪيو ويندو.پلاننگ ڪميشن مطابق پنجاب لاءِ ترقياتي بجيٽ 749 ارب رپيا منظور ڪئي وئي آهي. سنڌ لاءِ 706 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. خيبرپختونخوا لاءِ 455 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بلوچستان ترقياتي منصوبن تي 308 ارب رپيا خرچ ڪندو. ٽنهي صوبن پنهنجي سالياني ترقياتي منصوبن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، جڏهن ته بلوچستان جي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪا به ڪٽوتي نه ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه، پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ 88.8 ارب رپين جو ترقياتي بجيٽ مختص ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل قبائلي ضلعن لاءِ 56 ارب رپين جو ترقياتي بجيٽ رکيو ويو آهي.ان موقعي تي وفاقي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال بجيٽ تجويزن ۽ معاشي اشاريَن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) ايندڙ مالي سال 2026-27ع لاءِ 3.66 کرب رپين جي قومي ترقياتي بجيٽ ۽ مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو جو هدف منظور ڪري ورتو آهي.وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1 کرب رپيا مختص ڪيا ويا آهن؛ صوبائي ترقياتي خرچن لاءِ 2.21 کرب رپيا رکيا ويا آهن؛ جڏهن ته وفاقي ادارن لاءِ 451 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. احسن اقبال موجب، اين اي سي منصوبابندي ڊويزن جي اها تجويز پڻ منظور ڪري ورتي آهي ته قومي اقتصادي ڪائونسل جا اجلاس هاڻي سال ۾ هڪ ڀيرو بدران هر ٽن مهينن (ٽه ماهي بنيادن) تي منعقد ڪيا وڃن، جيئن ترقياتي منصوبن ۽ معاشي هدفن جو باقاعدي جائزو ورتو وڃي.وفاقي وزير چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جو حجم 2018ع ۾ جي ڊي پي جي 2.6 سيڪڙو جي برابر هو، جيڪو گهٽجي هاڻي 0.6 سيڪڙو رهجي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي معاشي ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ "ترقياتي ايمرجنسي” جهڙن قدمن جي ضرورت آهي.احسن اقبال وڌيڪ چيو ته حڪومتي آمدني جو 74 سيڪڙو حصو قرضن جي واپسي ۽ انهن جي ادائيگين تي خرچ ٿي رهيو آهي، جيڪو ملڪ لاءِ هڪ وڏو مالي دٻاءُ آهي.هن زور ڏيندي چيو ته پاڪستان کي هن وقت سڀ کان وڏو معاشي چئلينج خارجي شعبي ۾ درپيش آهي، تنهن ڪري ملڪ کي پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ برآمدات ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، ته جيئن پائيدار معاشي ترقي وفاقي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال واضح ڪيو آهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ هڪ کرب رپين جي وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت تعليم ۽ دفاع سان لاڳاپيل منصوبن کان سواءِ ڪنهن به نئين ترقياتي منصوبي جي شروعات نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت محدود مالي وسيلن کي نظر ۾ رکندي ترجيحي بنيادن تي فيصلا ڪري رهي آهي، تنهن ڪري جاري ترقياتي منصوبن جي تڪميل تي ڌيان ڏنو ويندو، جڏهن ته نوان منصوبا رڳو انهن شعبن ۾ شروع ڪيا ويندا جيڪي قومي اهميت جا حامل آهن. احسن اقبال موجب، تعليم ۽ دفاع سان لاڳاپيل منصوبن کي خاص ترجيح ڏني ويندي، جڏهن ته ٻين شعبن ۾ نوان منصوبا شروع ڪرڻ بدران اڳ ۾ جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي خرچن ۾ احتياط جو مقصد معيشت تي دٻاءُ گهٽائڻ، محدود وسيلن جو مؤثر استعمال ڪرڻ ۽ ملڪ کي پائيدار معاشي ترقي جي راهه تي آڻڻ آهي. حاصل ڪري سگهجي ۽ معيشت کي مضبوط بنيادن تي بيهاريو وڃي.