پشاور (م ڊ) پشاور جي ويجهو فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هڪ چوڪيءَ تي دهشتگردن جي حملي ۾ ڇهه اهلڪار شهيد، جڏهن ته چار زخمي آهن. خيبر پختونخوا جي سينيئر پوليس اختيارين حملي بابت ميڊيا ڳالهائيندي ڇهن اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ٻئي پاسي سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڪيءَ تي مقرر اهلڪارن حملي تي فوري جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ چئن دهشتگرد جي مارجڻ جا اطلاع آهن، پر فرار ٿيل دهشتگرڊ لاش پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگرن ايف سي جي ڇهه اهلڪارن کي به پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن.هوڏنهن بندش تنظيم جي نالي سان هڪ پوسٽ به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هن حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.هي واقعو پشاور جي ويجهو حسن خيل واري علائقي ۾ رات هڪ کان ٻه وڳي جي وچ ۾ پيش آيو هو. ياد رهي ته حسن خيل ۾ ماضيءَ ۾ به دهشتگردن جي موجودگيءَ تي سيڪيورٽي فورسز ڪارروائيون ڪيون آهن.