ڪراچي ۾ افغانين کي پاڪستاني پاسپورٽ ٺاهيندڙ گروهه وائکو، هڪ گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) ايف آءِ اي ٽيم جي ڇاپي دوران پرڏيهين جا دستاويز هٿ ڪيا ويا، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي حراست ۾ ورتو ويو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي ۾ افغاني شهرين لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ ٺاهڻ واري گروهه خلاف اهم ڪارروائي ڪئي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ رڪارڊ  قبضي ۾ وٺي ٽولي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي جي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي عوامي مرڪز جي ويجهو هڪ پاسپورٽ آفيس تي ڇاپو هنيو آهي ۽ هڪ نيٽ ورڪ کي وائکو ڪيو آهي جيڪو جعلي دستاويزن جي بنياد تي افغاني شهرين کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪري رهيو هو. حڪومتي عملدارن موجب، آپريشن دوران 70 کان وڌيڪ شڪي پرڏيهين سان لاڳاپيل دستاويز هٿ ڪيا ويا، جن جو تعلق افغانستان سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته، انهن جي سڃاڻپ ۽ شهريت جي وڌيڪ تصديق جاري آهي. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران پاسپورٽ آفيس جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.