11 مهينن ۾ پاڪستان جو واپاري خسارو 35 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)هلندڙ مالي سال جي پهرين يارهن مهينن دوران پاڪستان جو واپاري خسارو ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي 35 ارب آمريڪي ڊالرن جي ويجهو پهچي ويو آهي، جڏهن ته برآمدي  آمدني ۾ گهٽتائي ۽ درآمدي خرچن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب، پاڪستان جي برآمد جي ڀيٽ ۾ درآمد ۾ نمايان اضافي سبب هلندڙ مالي سال جي پهرين يارهن مهينن دوران واپاري خسارو 17.48 سيڪڙو وڌي 34 ارب 75 ڪروڙ ڊالرن کان به وڌي ويو آهي.شماريات کاتي جي رپورٽ موجب، جولاءِ کان مئي تائين ملڪ جي برآمد 5.61 سيڪڙو گهٽجڻ کانپوءِ 27 ارب 90 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ  ڪئي وئي. ساڳئي عرصي دوران درآمد۾ 6 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ انهن جو مجموعي حجم 62 ارب 66 ڪروڙ ڊالرن کان وڌي ويو.انگن اکرن موجب، گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ واپاري خساري ۾ 5 ارب 17 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.