پاڪستاني پيءُ ۽ عراقي ماءُ جو پٽ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ نئين تاريخ لکڻ لاءِ تيار!

عراق جي طرفان کيڏندڙ زيدان اقبال فيفا ورلڊ ڪپ کيڏندڙ پهريون پاڪستاني ڄائو فٽبالر بڻجي ويندو.
زيدان اقبال جي پيءُ عامر جو تعلق پاڪستان جي علائقي ساهيوال سان آهي ۽ ماءُ عراقي آهي.
پاڪستاني ڄائي زيدان اقبال فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ عراق جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، 23 سالن جي مڊ فيلڊر جو ڳاڻيٽو ٽيم جي اهم رانديگرن ۾ ٿئي ٿو.
هن فٽبال جي شروعات 9 سالن جي عمر ۾ مانچسٽر يونائيٽيڊ اڪيڊمي کان ڪئي، 18 ورهين جي ڄمار ۾ چيمپئنز ليگ ۾ مانچسٽر يونائيٽيڊ جي طرفان کيڏندڙ پهريون برطانوي ۽ ڏکڻ ايشيائي رانديگر بڻيو.
2021 ۾ زيدان اقبال عراق جي انڊر 23 ٽيم طرفان کيڏيو جڏهن ته 2022 ۾ عراق جي سينئر ٽيم ۾ چونڊيو ويو، زيدان اقبال انگلينڊ ۽ پاڪستان طرفان کيڏڻ جي به اهل هو پر پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي تڪرارن جي ڪري ان سان پهريان رابطو نه ڪري سگهيو ۽ عراق کيس پهريان کيڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
زيدان اقبال جو حوالي سان چوڻ آهي ته هو عراق ڪڏهن نه ويو آهي پر فٽبال کيڏڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان وڃي چڪو آهي، پاڪستان ڏاڍو خوبصورت ملڪ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مون کي دوستن ۽ والد ٻڌايو ته مان ڪيئن تاريخ جو حصو بڻجڻ وارو آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.