آءِ سي سي لارڊز ۽ قذافي اسٽيڊيم جي پچز کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، ٻنهي وينيوز کي ڊي ميرٽ پوائنٽ ملي ويو
دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) انگلينڊ جي تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ پاڪستان جي قذافي اسٽيڊيم جي پچز کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي ٻنهي وينيوز کي هڪ، هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏئي ڇڏي.
آءِ سي سي موجب، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۽ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽِين ون ڊي دوران استعمال ٿيل پچن بابت ميچ ريفريز پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا هئا.
لارڊز ٽيسٽ جي ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پچ تي غير معمولي سيم موومينٽ ۽ غير امڪاني بائونس سبب بيٽ ۽ بال وچ ۾ مناسب توازن برقرار نه رهي سگهيو، جنهن ڪري راند جو معيار متاثر ٿيو.
ٻئي پاسي پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽِين ون ڊي جي ميچ ريفري گريم لا بروئي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته قذافي اسٽيڊيم جي پچ تمام گهڻي سست ۽ گهٽ بائونس واري هئي، جنهن سبب بيٽرن لاءِ رنسون ٺاهڻ ڏکيو بڻجي ويو.
رپورٽ موجب، پچ ون ڊي ڪرڪيٽ جي گهربل معيار تي پوري نه لٿي ۽ اسپن بالر کي شروعاتي مرحلي کان ئي غيرمعمولي مدد حاصل رهي.
آءِ سي سي ٻنهي معاملن بابت انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سي بي) ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي باضابطا رپورٽون موڪلي ڇڏيون آهن، جڏهن ته ٻنهي بورڊن کي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ لاءِ 14 ڏينهن جي مهلت پڻ ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته لارڊز ۽ قذافي اسٽيڊيم جي رڪارڊ تي هن کان اڳ ڪا به به ڊي ميرٽ پوائنٽ موجود نه هئي.
آءِ سي سي جي ضابطن موجب، غير تسلي بخش پچ تي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ۽ راند نه کيڏڻ جوڳي قرار ڏنل پچ تي ٽي ڊي ميرٽ پوائنٽس ڏنا ويندا آهن.
جيڪڏهن ڪنهن وينيو جا 6 ڊي ميرٽ پوائنٽس ٿي وڃن ته ان کي هڪ سال لاءِ جڏهن ته 12 ڊي ميرٽ پوائنٽس ٿيڻ تي ٻن سالن لاءِ بين الاقوامي ميچن جي ميزباني کان محروم ڪيو ويندو آهي.